هاڻي اجرڪ کي اسڪولي ڊريس ۾ شامل ڪرايو وڃي


صدر آصف علي زرداري جي افغانستان دوري دوران سندس ٽوپي پهرڻ کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو. مخصوص ميڊيا جي ذريعي نسل پرستن جي تعصب کي استعمال ڪندي طاقتور قوتون سنڌ جي ثقافت تي حملي تائين پهتيون آهن، جس هجي ڪي ٽي اين، ۽ ڪاوش گروپ کي، جن اهڙين قوتن کي جواب ڏيڻ لاءِ سنڌي ماڻهن جي اڳواڻي جو ڪردار ادا ڪندي، سنڌي ثقافت جو ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪيو. هن موقعي تي ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين جي اداري کي اپيل ڪجي ٿي ته هو سنڌ حڪومت کي ان ڳالهه جو احساس ڏياري ته سنڌي ثقافت جي واڌاري لاءِ سرڪاري طور اسڪول جي نياڻين لاءِ اجرڪ کي اسڪولي ڊريس ۾ شامل ڪرايو وڃي، جنهن سان هڪ طرف اجرڪ جي اهميت وڌنڌي ته ٻئي طرف نياڻين جي اسڪولي ڊريس ۾ اجرڪ پائڻ سان سنڌي ثقافت جي واڌ ۽ ترقي ٿيندي. وزير تعليم سنڌ پير مظهر الحق کي پڻ اهڙي اپيل ڪجي ٿي ته فورن سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ اجرڪ کي سرڪاري اسڪولي ڊريس ۾ شامل ڪرڻ جو اعلان ڪري ۽ سنڌي ٻوليءَ کي لازمي پڙهائڻ لاءِ سخت قدم کنيا وڃن.

ڊاڪٽر مشتاق شيخ/ڪراچي

هي خبر اڃ جي ڪاوش اخبار جي آهي