Page 1 of 2 12 LastLast
Results 1 to 12 of 15

Thread: دنيا ڀر ۾ رهڻ وارو سنڌي دوستو

  1. #1
    Hussun's Avatar
    Hussun is offline Advance Member
    Last Online
    9th July 2020 @ 11:40 PM
    Join Date
    12 Nov 2006
    Location
    Karachi
    Gender
    Female
    Posts
    1,049
    Threads
    145
    Credits
    1,206
    Thanked
    12

    Default دنيا ڀر ۾ رهڻ وارو سنڌي دوستو

    دنيا ڀر ۾ رهڻ وارو سنڌي دوستو!
    اسين توهان سان هن بارود ڀريل دنيا ۾ امن، خوشحالي، انسانيت جي احترام جي اميد سان مخاطب آهيون ته خدا ڪري هي دنيا امن جو گهوارو بنجي. بارود جي بارش ۽ معصوم جانين کي خون ۾ وهنجارڻ وارا مذمت لائق عمل بند ٿين، عالمي طاقتون انسانيت جو احترام اپنائي آزاد ۽ خودمختيار قومن جي حقن جو احترام ڪن.
    ساٿيو! جئين ته اسان ۽ توهان بحثيت سنڌي هجڻ جي ڪري ڏيهه ۾ امن جي علامت ۽ پرڏيهه ۾ امن جا سفير آهيون. ڇاڪاڻ ته اسان جو تعلق انهي ديس سان آهي جتي هميشه امن جي آبياري ڪئي وئي آهي. نفرت، هوڏ، انتها پسندي جو ٻڄ ان ڌرتي تي ڇٽيو ئي ناهي ويو. اُخوت، رواداري ۽ انسانيت جي احترام جا عنصر ان ديس جي مٽي ۾ ڳوهيل آهن. جتان جيڪڏهن ڪو آواز گونجي ته ان جي پڪار اهائي هجي ته؛
    سانئِيَمِ! سَدائِين ڪَرِين، مَٿي سِنڌُ سُڪارَ؛
    دوسَ! مِٺا دِلدارَ، عالَمُ سَڀِ آبادِ ڪَرِين.

    يا پوءِ اهو آواز هي هجي ته؛
    جنهنجو نالو جنگ، اُن جو انگ انگ آڳ آ،
    تنهن کان سڀڪو تنگ، او شل، باهه تباهه ٿئي!
    اسان انهي سڄي صورتحال جي پس منظر ۾ پنهنجي سنڌڙي ڏي نهارينداسين ته اُها به موجوده بارود ڀريل دنيا ۾ مظلوميت جو هڪ نشان نظر ايندي. جتي جي خوشحالين جو ضامن ۽ سنڌ جي هميشه جو ساٿي ”سنڌو دريا“ پنهنجيون لهرون موجون ۽ دهشت وڃائي چڪو آهي. سنڌو جي پيٽ مان اُڏامندڙ واري تيز هوائن جي جهوڪن ۾ واڪا ڪندي سنڌ ۽ سنڌين جي تباهي جا مرثيه ٻڌائندي محسوس پئي ٿئي. سنڌ جي ٻهڙاري جي حالت ڏسڻ کانپوءِ اهو عقل تسليم ئي نٿو ڪري ته هي اُها سنڌ آهي جنهن جي آمدني مجموعي ملڪي آمدني جي 70 سيڪڙو مڃيل آهي. پر ساٿيو! اها هڪ اٽل حقيقت آهي ته ايترين وسيلن سان ڀرپور هئڻ باوجود به سنڌ غربت ۾ آهي ۽ اُتي جا رهواسي غريب آهن. اهو ڪو مٿائين تقدير جو عمل ناهي پر واڳ ڌڻين جون بنايل ڪي پاليسيون آهن جن جي ڪري دانسته طور تي سنڌ جا ماڻهو نظر انداز ٿيندي غربت جي دلدل ڏانهن ڌڪبا وڃن پيا. ۽ ان جو ٻيو سبب اهو ته اقتدار جي طاقت جي گرائونڊ ۾ اڃا ڪو به باضمير سنڌي پهچي ناهي سگهيو جيڪو صورتحال کي تبديل ڪري سگهي ۽ نه ئي ڪو عوامي پريشر ته پاليسيون برابري جي بنياد تي جڙي سگهن. باقي ضمير فروشن ۽ ڌرتي لڄائڻ وارن جي هر دور جئيان اڄ به ڪا ڪمي ناهي. وزيري مشيري جو عهدو حاصل ڪرڻ لاءِ سوداگرن جي لائن لڳي پئي آهي جيڪي ڀڳڙن مٺ ڌرتي وڪڻڻ لاءِ تيار آهن. چند ڏينهن جي اقتدار خاطر ڪو ضمير فروش سنڌي هن سنڌ کي ڪالا باغ ڊيم جو تحفو ڏيندي دير نه ڪندو. جنهن جو نتيجو سنڌ ۽ ان جا ماڻهو بک ،بدحالي ،قحط ، سوڪهڙي، غربت، بيروزگاري جي عالم ۾ صدين تائين ڀوڳيندا. هن وقت اتفاق راءِ جي مهم ۾ اهڙا مڙس مٿير چوڌهرين کان به ٻه قدم اڳتي وڌڻ لاءِ آتا بيٺا آهن. صرف چند ڏينهن لاءِ اقتدار ۾ رهڻ جي ضمانت تي هو اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار آهن.
    ڌرتي ديس اباڻا ڪک انهي ڳالهه جا حقدار هوندا آهن ته هر موقع تي مقدم رهن پر ضمير فروش ماڻهو انهن ڳالهين کان بيگانه بنجي ويندا آهن. انهن جي ڪردار جو احتساب سنڌ جي تاريخ ڪندي.
    هن وقت شاهه جي ننگري رواداري ۽ اُخوت جي مرڪز سنڌ جي سنڌين جي اهائي خواهش آهي ته کين برابري جي بنياد تي اهي حق ڏنا وڃن جيڪي سندن وڏي ڀاءُ جي حيثيت ۾ پنجاب ۽ اتي جي رهواسين کي حاصل آهن. سنڌو جي پاڻي تي ڊيم ٺاهي سنڌو جي وجود کي سنڌ ۽ سنڌي کان ڌار نه ڪيو وڃي. ماضي جئيان هاڻ نااهليت جا طعنا ۽ ليبل سنڌ جي ماڻهن تي هڻي انهن کي نظر انداز ڪرڻ وارين پاليسين جو خاتمو اچڻ گهرجي. سنڌ جي تمام وسيلن تي پهريون حق سنڌ جي مقامي رهواسين کي حاصل هئڻ گهرجي. ته جئين سنڌ جي عوام مان احساس محروميت کي ختم ڪري سگهجي

  2. #2
    Join Date
    20 Jul 2008
    Age
    41
    Gender
    Male
    Posts
    102
    Threads
    5
    Credits
    3
    Thanked: 1

    Default

    Source of this articale is: www.voiceofsindh.net

  3. #3
    bestzareef4ru's Avatar
    bestzareef4ru is offline Advance Member
    Last Online
    6th October 2021 @ 01:36 AM
    Join Date
    05 Jul 2008
    Location
    Dadu the heart
    Posts
    708
    Threads
    31
    Credits
    67
    Thanked: 1

    Default

    tamam sutho wah tawahan kitha ja ahiyo

  4. #4
    star moro is offline Junior Member
    Last Online
    28th October 2008 @ 07:45 PM
    Join Date
    28 Oct 2008
    Age
    40
    Posts
    2
    Threads
    0
    Credits
    0
    Thanked
    0

    Thumbs up

    tamam suthi soch aahey awhan jee, aeen sadeen panhja veechar deenda kario. allah awhan khee kamyab kare. G.A Sindh.

  5. #5
    wasii's Avatar
    wasii is offline Senior Member+
    Last Online
    4th September 2017 @ 03:41 PM
    Join Date
    31 Oct 2008
    Location
    Sindh
    Gender
    Male
    Posts
    41
    Threads
    7
    Credits
    105
    Thanked
    0

    Default

    Tamam sutho ain sach likhiyo aahay

  6. #6
    DoN_KhaN is offline Junior Member
    Last Online
    3rd January 2009 @ 07:11 PM
    Join Date
    03 Aug 2008
    Age
    40
    Posts
    23
    Threads
    1
    Credits
    975
    Thanked
    0

    Default

    tamam zabardast hussun ada

    monkhey lagey payo ta tawhan Dadu Sindh khaan ahyo

  7. #7
    sahil_kumar is offline Junior Member
    Last Online
    29th July 2010 @ 11:46 PM
    Join Date
    10 Oct 2008
    Age
    34
    Posts
    29
    Threads
    6
    Credits
    0
    Thanked: 1

    Default

    دوست توهان سڀ سچ الکيو آهي. مان سنڌ کان ٻاهر رهندو آهيان، مطلب پرديس ۾ آهيان، پر اسانجي اها ڪوشش آهي ته سنڌي ٻولي جي آن ۽ شان قائم هجي. اسانکا جيترو ٿي سگهندو اوترو ڪنداسين،
    INFO@SINDHISANGAT.COM

  8. #8
    bestzareef4ru's Avatar
    bestzareef4ru is offline Advance Member
    Last Online
    6th October 2021 @ 01:36 AM
    Join Date
    05 Jul 2008
    Location
    Dadu the heart
    Posts
    708
    Threads
    31
    Credits
    67
    Thanked: 1

    Default

    Quote sahil_kumar said: View Post
    دوست توهان سڀ سچ الکيو آهي. مان سنڌ کان ٻاهر رهندو آهيان، مطلب پرديس ۾ آهيان، پر اسانجي اها ڪوشش آهي ته سنڌي ٻولي جي آن ۽ شان قائم هجي. اسانکا جيترو ٿي سگهندو اوترو ڪنداسين،
    INFO@SINDHISANGAT.COM
    BESHAK TWAHAN SAHI CHAYO PARDESS TAMAM DUKHIYOO AHE DUKH HUJE YA SUKH HUJE DEES TAMAM PIYARO HONDO AHI

  9. #9
    Ishfaque Abbasi is offline Senior Member+
    Last Online
    29th July 2009 @ 01:01 PM
    Join Date
    22 Feb 2009
    Age
    35
    Posts
    47
    Threads
    1
    Credits
    950
    Thanked
    0

    Default

    ada tamam bhalo jiye sindhi nation jiye sindh

  10. #10
    Hussun's Avatar
    Hussun is offline Advance Member
    Last Online
    9th July 2020 @ 11:40 PM
    Join Date
    12 Nov 2006
    Location
    Karachi
    Gender
    Female
    Posts
    1,049
    Threads
    145
    Credits
    1,206
    Thanked
    12

    Default

    Quote MAGSSI said: View Post
    Source of this articale is: www.voiceofsindh.net
    ada ta in mein ko harj ta naa aahey ?

  11. #11
    mansoormallah is offline Junior Member
    Last Online
    19th December 2009 @ 04:47 AM
    Join Date
    14 Dec 2008
    Age
    35
    Posts
    5
    Threads
    1
    Credits
    0
    Thanked
    0

    Default

    wahhh chokraaa tohn g Lay Sindhin khay kamiyaab kayo pohatay chotha wanjoo " CHIKAAY RAKHOOO I M WITH U

  12. #12
    sardar khan's Avatar
    sardar khan is offline Junior Member
    Last Online
    28th October 2009 @ 03:32 PM
    Join Date
    19 Jan 2009
    Age
    38
    Posts
    21
    Threads
    11
    Credits
    0
    Thanked
    0

    Post تمام سٺو سائين

    اواهن بلڪل صحيح فرفايو آهي



    http://subahthendo.sundarhost.com
    Last edited by sardar khan; 2nd April 2009 at 06:01 PM.

Page 1 of 2 12 LastLast

Similar Threads

  1. Replies: 10
    Last Post: 12th August 2015, 07:06 AM
  2. شهيد راڻي بينظير ڀٽو
    By ALI AKBAR SHAR in forum Sindhi
    Replies: 6
    Last Post: 5th November 2011, 03:45 PM
  3. Replies: 10
    Last Post: 5th November 2011, 01:55 PM
  4. Replies: 7
    Last Post: 15th November 2009, 01:53 PM

Bookmarks

Posting Permissions

  • You may not post new threads
  • You may not post replies
  • You may not post attachments
  • You may not edit your posts
  •