Results 1 to 5 of 5

Thread: سنڌين بابت وفاقي وزير جا تنگ نظر خيال

  1. #1
    Hussun's Avatar
    Hussun is offline Advance Member
    Last Online
    9th July 2020 @ 11:40 PM
    Join Date
    12 Nov 2006
    Location
    Karachi
    Gender
    Female
    Posts
    1,049
    Threads
    145
    Credits
    1,206
    Thanked
    12

    Default سنڌين بابت وفاقي وزير جا تنگ نظر خيال

    سنڌين بابت وفاقي وزير جا تنگ نظر خيال!!

    قومي اسيمبليءَ ۾ هڪ سوال جي جواب ۾ پورهئي ۽ افرادي قوت جي وفاقي وزير غلام سرور چيو ته سنڌي ماڻهو مّخصوص مزاج هئڻ ڪري ڪوٽڙي کان حيدرآباد کي پرديس سمجھن ٿا ۽ اسان پرڏيهه ۾ ليبر ميرٽ تي موڪليندا آهيون انهي ۾ ڪا صوبائي ڪوٽا نه هوندي آهي.

    اهو ڪو پهريون دفعو ناهي جو اقتداري ايوانن مان سنڌي ماڻهن کي ”نااهل“ هئڻ جو طعنو مليو آهي جڏهن به سنڌ جي ماڻهن نظراندازين محروميت ۽ پنهنجي وسيلن جي ڦرلٽ جون دانهون ڪوڪون ڪيون آهن ۽ ملڪي وسيلن ۾ انصاف ڀرئي حق جي گھر ڪئي آهي ته ردعمل ۾ هر بار انصاف جي بجاءِ انهن کي اهو ئي ٺهيل ٺوڪيل جواب ڏيئي خاموش ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي ته سنڌي اهل ناهن. اقتداري ايوانن مان اهڙي قسم جا بيان ۽ جواب اڄ نه پر جيڪڏهن پٺتي جي تاريخ جا ورق اٿلائبا ته ان جا پيرا ملڪي تاريخ جي پهرين وزير اعظم لياقت علي خان جي ايوان تائين پهچندا. جنهن سان جڏهن سنڌ مسلم ليگ جي صدر سيد علي اڪبر شاه جي اڳواڻي ۾ سنڌي ٻولي ۽ تهذيب جي بقا بابت تحفظات کڻي هڪ وفد ملاقات ڪرڻ لاءِ ويو ته ملڪ جي پهرين وزيراعظم جو اهو جواب هو ته ”سنڌين جي تعليم ۽ ڪلچر گڏهه هڪلڻ ۽ اُٺ ڪاهڻ آهي، اُن جي ڪهڙي حفاظت ٿي سگھي ٿي.“ انهي مان اهو اندازو آساني سان لڳائي سگھجي ٿو ته سنڌين خلاف گھٽيا سوچ جو بنياد ڪافي اڳ پئجي چڪو هو ۽ موجوده بيان توڙي اظهار انهي سلسلي جو هڪ تسلسل آهن.

    وزير موصوف جي خدمت ۾ اهوئي چوڻ بجا ته اسان سنڌين کي ڪنهن ٻي علائقي ڏانهن وڃڻ يا پرديس ۾ وڃڻ جي ڪابه ضرورت ناهي جيڪڏهن ملڪي خزاني کي اڻ کٽ دولت سان نوازيندڙ هن سنڌ وٽ پنهنجن وسيلن جي مالڪي هجي ها ته يقينن دبئي سان مقابلو ڪري پئي سگھي. پر افسوس اهو آهي ته سنڌ مان ڪيترائي سئو ارب روپيه ڪمائڻ باوجود وفاق سنڌ کي موٽ ۾ جو ڪجھه ڏيئي ٿو اهو سنڌ جي ڪمائي جي ڀيٽ ۾ ڪنهن پينو فقير کي ملندڙ خيرات جيترو ئي چئي سگھجي ٿو. يعني 500 ارب روپين جي ڪمائي مان سنڌ صرف چند ارب روپين جي حقدار سمجھي وڃي ٿي. ان ناانصافي ۽ وسلين جي ڦرلٽ جي نادر نموني سنڌ جي غربت کي به بيمثال بنائي ڇڏيو آهي. عام طرح سان ڪنهن به علائقي جي رهواسين جي غربت جو سبب انهي علائقي ۾ انساني گذر جي وسيلن جي کوٽ هوندو آهي. پر ڇا دنيا ۾ انهي کي مذاق نه سمجھيو ويندو ته وسيلن ۽ ڪمائي ۾ پوري پاڪستان کي ڪمائي کارائيندڙ سنڌ خود غربت جي دلدل ۾ ڦاٿل ۽ اتي جا ماڻهو نسلن کان غربت جي پيڙا سهڻ تي مجبور آهن. دنيا ۾ ٻي ڪنهن ملڪ ۾ اهو مثال ملڻ مشڪل هجي. انٽرنيشنل جيورس ڪميشن کي چيف جسٽس جي معاملي تي حيرت ٿي ۽ انهي اهو چيو ته اهڙي قسم جو مثال دنيا جي ٻي ڪنهن معاشري ۾ نٿو ملي. پر جيڪڏهن سنڌ جا معاشي ماهر گڏجي سنڌ سان معاشي حوالي سان ٿيندڙ ناانصافي، سنڌ جي ڪمائي، ملندڙ حصي پتي ۽ ان معاشي ڦرلٽ جي ڪري سنڌ ۾ تيزي سان تبديل ٿيندڙ حالتن بابت ڪو دستاويز ترتيب ڏيئي مهذب دنيا جي اڳيان پيش ڪن ته شايد دنيا حيران کان وڌيڪ پريشان ٿي وڃي.

    پرڏيهه ۾ سنڌي پورهيت موڪلڻ پري جي ڳالهه آهي پر خود سنڌ ۾ به ڪجھه اهڙو ماحول پئدا ڪيو ويو آهي جو سنڌ جي ڊوميسائل تي ڪنهن به فئڪٽري، ڪمپني توڙي پرائيويٽ سيڪٽر ۾ ملازمت لاءِ درخواست کڻي ويندڙ ازخود نااهل بڻجيو وڃي. جڏهن ته ٻاهران ايندڙن کي خاص طرح سان نوازيو ويندو آهي. اهو انهي ڪري ته هڪ ته سنڌ جي وسيلن تي مالڪي سنڌين کي حاصل ناهي ٻيو ته ٻاهران ايندڙ خاص تائيد سان ملازمتون حاصل ڪندا رهيا آهن. جنهن جي ڪري مئنجمينٽ سطح تي سنڌين کي ڪابه نمائيندگي حاصل ناهي. سنڌ ۾ 29 جي لڳ ڀڳ شگرملون آهن جنن مان ڪي انهن ماڻهن جون به آهن جيڪي ان تڪ مان قومي توڙي صوبائي اسيمبليءَ جي ٽڪٽ تي چونڊجي ايندا رهيا آهن. اهي عوام ۽ سنڌ دوستي جي هام هڻندڙ آهن. پر سندن فئڪٽرين ۾ ڏسبو ته سنڌين جو تعداد اٽي ۾ لوڻ برابر نظر ايندو سو به غير مقامين جي مقابلي ۾ هلڪين پوسٽن تي مقرر هوندو. سالن کان سهولتن کان محروم ڊيليويجز تي ڪم ڪندڙ هوندا. جڏهن ته ٻاهران ايندڙ غير سنڌين کي نه رڳو اهم پوسٽن تي رکيو ويندو آهي. پر انهن کي مالي طور تي مستحڪم ڪري اڳتي وڌايو ويندو آهي. انهن فئڪٽرين ۾ ڏسبو ته اڪثريت ۾ مئنجمينٽ سطح تي غير سنڌي آفيسر هوندا آهن جيڪي پنهنجا نوازڻ کي ترجيع ڏيندا آهن. ان ڪري نه رڳو سنڌين جي ٻين حقن جي تحفظ جي ڳالهه آهي پر خود سنڌ اندر به روزگار کان محروم ڪيو ويندڙ رويي جو خاتمو پڻ ضروري آهي جنهن سان سنڌي نوجوان پنهنجي ئي صوبي ۾ روزگار جي حق کان محروم آهن. هن وقت جئين ته سنڌ ۾ بيروزگاري هڪ وڏو مسئلو آهي ۽ سنڌي نوجوانن جو وڏو انگ روزگار جو متلاشي آهي ته تڏهن حڪومت انهي بيروزگاريءَ واري صورتحال کي رڳو پئسي ڪمائڻ جو ذريعو نه بنائي، هر ڇهن مهينن ۽ سال جي وقفي کان پوءِ سئو روپين جي فيس سان فارم گھرائي سنڌ جي هزارين نوجوانن مان اربين روپيه ڪمائڻ بجاءِ سنڌ جي ڪارخانن ۽ فئڪٽرين ۾ ٻين صوبن مان ماڻهن جي روزگار تي اچڻ واري رجحان جي حوصله شڪني ڪرڻ گھرجي ته جئين اجنبي بڻايل انهن ڪارخانن ۽ فئڪٽرين ۾ سنڌي نوجوانن لاءِ روزگار جا دروازا کلي سگھن.

    وزير موصوف جنهن قسم جو بيان ڏنو آهي اهو سنڌي قوم لاءِ انتهائي هتڪ آميز سوچ جو عڪاس آهي. اهڙي سوچ واري فرد جي وزير هوندي سندس وزارت واري کاتي ۾ سنڌين سان انصاف بعد از امڪان آهي ۽ هاڻ ته موصوف جي انهن خيالن جي اظهار بعد بهانن ۽ تاويلن جي لعل تعل کان ڪم وٺندڙ ڪاموا شاهي لاءِ سنڌين کي نظرانداز ڪرڻ وڌيڪ سهل بڻجي ويو آهي. انهي جي لاءِ ضروري آهي ته وزير افرادي قوت و پورهئي جي مذڪوره بيان جو نوٽيس ورتو وڃي کيس انهي سلسلي ۾ جوابده بڻايو وڃي ته انصاف بجاءِ نسلي ۽ قومي امتياز کي ڇو فروغ ڏنو پيو وڃي. انهي کان علاوه سنڌ اسيمبليءَ کي به انهي جو نوٽس وٺي پنهنجي صوبي جي عوام سان ٿيندڙ هن ناانصافي جي ازالي لاءِ وفاقي حڪومت سان احتجاج ڪرڻ گھرجي.

  2. #2
    nawabsaif's Avatar
    nawabsaif is offline Senior Member+
    Last Online
    11th May 2011 @ 12:18 AM
    Join Date
    26 Nov 2006
    Age
    46
    Posts
    64
    Threads
    21
    Credits
    0
    Thanked
    0

    Default Sahih

    You are right My Freind
    Here is my reply
    Last edited by nawabsaif; 4th July 2007 at 10:56 AM. Reason: image
    شیر کی ایک دن کی زندگی، گیدڑ کی سو سال

    کی زندگی سے بہتر ہے۔


  3. #3
    nawabsaif's Avatar
    nawabsaif is offline Senior Member+
    Last Online
    11th May 2011 @ 12:18 AM
    Join Date
    26 Nov 2006
    Age
    46
    Posts
    64
    Threads
    21
    Credits
    0
    Thanked
    0

    Default

    Here

  4. #4
    shan_butt's Avatar
    shan_butt is offline Senior Member+
    Last Online
    11th May 2011 @ 05:40 PM
    Join Date
    25 Jan 2007
    Age
    36
    Posts
    62
    Threads
    6
    Credits
    0
    Thanked
    0

    Default

    u r right
    ma awaha sa 1000% agree aahaya

  5. #5
    ALI AKBAR SHAR's Avatar
    ALI AKBAR SHAR is offline Advance Member
    Last Online
    9th April 2021 @ 03:12 PM
    Join Date
    27 Jul 2009
    Location
    ENGRO CITY DAHA
    Gender
    Male
    Posts
    4,608
    Threads
    507
    Credits
    1,292
    Thanked
    347

    Default

    Old
    Best Regards

Similar Threads

  1. Replies: 8
    Last Post: 21st August 2014, 08:23 AM
  2. Replies: 4
    Last Post: 20th May 2014, 04:51 PM
  3. Replies: 7
    Last Post: 5th November 2011, 03:44 PM
  4. Replies: 7
    Last Post: 15th November 2009, 01:53 PM
  5. Replies: 33
    Last Post: 15th November 2009, 12:57 PM

Bookmarks

Posting Permissions

  • You may not post new threads
  • You may not post replies
  • You may not post attachments
  • You may not edit your posts
  •