Results 1 to 4 of 4

Thread: سنڌوءَ

  1. #1
    Hussun's Avatar
    Hussun is offline Advance Member
    Last Online
    9th July 2020 @ 11:40 PM
    Join Date
    12 Nov 2006
    Location
    Karachi
    Gender
    Female
    Posts
    1,049
    Threads
    145
    Credits
    1,206
    Thanked
    12

    Default سنڌوءَ

    سنڌوءَ

    ڪوٽڙي بئراج واري پل تان گذرندي نگاهون المنظر هوٽل جي ڇت تي ئي ٽڪيل رهيون. سوچون ذهن تي گھر ڪرڻ لڳيون ۽ چهري تي ماضي جي يادن اداسي جا تھ چاڙهڻ شروع ڪري ڏنا. المنظر هوٽل جي ڇت تي هو مون سان آخري ڀيرو ملڻ آئي هئي. اسان ٻئي ڇت جي ڇيڙي تي لڳل لوهي گرل وٽ ڪافي دير تائين خاموش بيٺا رهياسين،

    ”سڀ ٺيڪ ٿي ويندو ! تون ڪوئي الڪو نه ڪر!!“ مون ڄڻ صدين جي خاموشي کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، ”جلد ئي مونکي ڪا سٺي نوڪري ملي ويندي ! ۽ پوءِ تنهنجي پئ کي ڪو به اعتراض نه هوندو...“ مون چيو.

    سنڌو جو پئ اسان جي شادي لاءِ راضي نه هو، هو ڪنهن وڏي سرڪاري آفيسر کي سنڌو جي رشتي لاءِ زبان ڏئي چڪو هو ۽ ايڏي ڀلي رشتي کي مون جهڙي بيروزگار لاءِ ڇڏڻ کان اصل پڙ ڪڍي بيٺو هو. مون کي ڪڏهن ڪڏهن هو صحيح به لڳندو هيو مان سنڌو کي ڏيئي به ڇا ٿي سگھيس سواءِ وفا نه ٿي سگھندڙ چند واعدن ۽ ڪڏهن به پورا نه ٿي سگھندڙ خوابن جي.

    ”هاڻي ڪجھ به ٿي نه سگھندو...“ هن ڄڻ سموري طاقت کي سميٽي اهي لفظ چيا ها...

    ”تو کي خبر آهي سنڌو ! ته گذريل ڪجھ سالن ۾ جٿي جٿي به ڊگرين جي اتوار بازار لڳي آهي اتي اتي مان قطار ۾ سڀني کان اڳيان پهچندو رهيو آهيان ۽ ائين مون پڙهي پڙهي هڻي وڃي هنڌ ڪيو آهي، تون ڏسجان هاڻي اهو ڏينهن ڏور ناهي جڏهن مان ڪو وڏو ڪامورو ٿي پوندس، ننڍپڻ کان ئي ڪامورن جي رعبدار ۽ ڀنوائتي شخصيت کان مان ڏاڍو متاثر رهيو آهيان مان سندن تمام وڏو فين آهيان ۽ تون ڏسجان سنڌو ! تمام جلد منهنجا به ڪيئي فين پيدا ٿيڻ وارا آهن.!“ مان سندس موڊ تبديل ڪرڻ لاءِ چيو...

    پل جي به شايد ڪجھ حصي لاءِ مسڪراهٽ هن جي چهري کي ڄڻ فقط ڇهڻ لاءِ آئي هئي ۽ پوءِ هڪ ٿڌو ساھ ڀري نه چاهيندي به هو خيالن ۾ گم ٿي وئي.

    ڪنهن ننڍڙي مذاق تي دير تائين کلڻ واري سنڌو اڄ خاموش بت بڻي بيٺي هئي، خوشي سندس چهري کان ڄڻ صدين جي فاصلي تي هئي.

    ”غربت وڏي لعنت آهي فراز!!!“ هن نفرت ڀريل لهجي ۾ چيو،”دنيا جيتري سا ئنس ۾ ترقي ڪئي آهي ان کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ هن غربت جي شرح ۾ ترقي ڪئي آهي، اسان کي پنهنجي مرضي سان زندگي گذارڻ جو حق شايد ڪڏهن به ملي نه سگھندو.! اسان جي ملڪ جو ئي مثال وٺ ! “

    ”اسان جي ملڪ جا ڏينهن هاڻي ڦرڻ وارا آهن سنڌو! “ مون سندس ڳالھ کي ڪٽيندي چيو. ”اسان هاڻي معيشت ۾ رڪارڊ ترقي ڪرڻ جي پوزيشن ۾ آهيون“

    ”خاڪ ترقي ڪئي آهي!!“ هن چيو ” تازو ڪالھ ئي ته رپورٽ ڇپي آهي...“

    ”اها ڏھ سال اڳ اختيار ڪيل پاليسين جو نتيجو آهي“ مون وري سندس ڳالھ ڪٽيندي چيو ”هاڻي حالتون ساڳيون ناهن رهيون اسان واري هاڻوڪي سرڪارجو سڄو ڌيان ئي اصل معاشي ترقي تي آهي، توکي اندازو ئي ناهي سنڌو! مون کان پڇ مون اڪانامڪس ۾ ايم.اي ڪئي آهي“ مان پنهنجي موقف ۾ وزن پيدا ڪرڻ لاءِ ڊگري جو ذڪر ڪندي چيو.

    ”تو اڪانامڪس ۾ ايم.اي پرائيويٽ ڪئي آهي ! مون کي خبر آهي توکي اڪانامڪس جي ڪيتري ڄاڻ هوندي.!!“ هن طنزيه انداز ۾ چيو،”جيڪڏهن هي ڏھ سال اڳ اختيار ڪيل پاليسين جو نتيجو آهي ته پوءِ هاڻوڪين پاليسين جا نتيجا نڪرڻ تائين اسان جيئرا به هونداسين الا ئجي نه.!!!“

    اسان هڪ ڀيرو ٻيهر ڪافي دير تائين خاموش رهياسين. مون ڪنڌ ورائي بئراج ڏانهن ڏٺو، سنڌو درياءَ به سانت اختيار ڪري چڪو هو پاڻي جي ڇڙواڳ لهرن جي بجاءِ واري پئي اڏاڻي. ”هي اسان جي آخري ملاقات آهي....“ هن چيو.

    لفظ ايترا ڀيانڪ به ٿي سگھن ٿا مون اڳ ڪڏهن سوچيو به نه هيو.

    ”اسان سڀاڻي ڪراچي هليا وينداسين، شادي ٿي وڃڻ تائين اتي ئي رهنداسين .......... تون........“ مون لفظن کي سندس نڙي ۾ اٽڪندو محسوس ڪيو، هو جملو پورو ڪري نه سگھي ۽ پاسي واري ٽيبل تي رکيل سندس پرس کڻي هميشه لاءِ منهنجي نظرن کان اوجھل ٿي وئي.

    تڪليف ان ڏينهن ڄڻ پنهنجن حدن کي اورانگھي وڌو هو، مان اڳ ڪڏهن به اهڙي اذيت مان نه گذريو هوس، عجيب ڪيفيت تاري ٿي پئي هئي. هڪ پل لاءِ ته سوچيم ته سنڌودرياءَ کي پاڻ ارپي هميشه لاءِ آجو ٿي پوان پر ترت ئي ياد آيوته سنڌوءَ ۾ پاڻي جي لپ به ڪانهي مرڻ بجاءِ جيڪڏهن ڪرنگھي جي هڏي ڀڄي پئي ته رهيو نور به چٽ !!!

    ان ڪري خودڪشي سنڌوءِ ۾ پاڻي اچڻ تا ئين ملتوي ڪري ڇڏيم. پر قسمت جي ستم ظريفي به انتها آهي سالن کان روز درياءَ جا چڪر هڻڻ باوجود به مان موت کي اپنائڻ کان ۾ به ناڪام رهيو آهيان.

  2. #2
    Join Date
    20 Jul 2008
    Age
    41
    Gender
    Male
    Posts
    102
    Threads
    5
    Credits
    3
    Thanked: 1

    Default

    Source of this articale is: www.voiceofsindh.net

  3. #3
    bestzareef4ru's Avatar
    bestzareef4ru is offline Advance Member
    Last Online
    6th October 2021 @ 01:36 AM
    Join Date
    05 Jul 2008
    Location
    Dadu the heart
    Posts
    708
    Threads
    31
    Credits
    67
    Thanked: 1

    Default

    wah maree chadyoo tawahan

  4. #4
    ALI AKBAR SHAR's Avatar
    ALI AKBAR SHAR is offline Advance Member
    Last Online
    9th April 2021 @ 03:12 PM
    Join Date
    27 Jul 2009
    Location
    ENGRO CITY DAHA
    Gender
    Male
    Posts
    4,608
    Threads
    507
    Credits
    1,292
    Thanked
    347

    Default

    Wah Wah
    Best Regards

Similar Threads

  1. سنڌيءَ کي سڏ
    By Hussun in forum Sindhi
    Replies: 4
    Last Post: 5th November 2011, 09:44 PM
  2. Replies: 4
    Last Post: 5th November 2011, 01:50 PM
  3. Sindhi Google سنڌيءَ ۾ گوگل
    By ALI AKBAR SHAR in forum Sindhi
    Replies: 21
    Last Post: 5th November 2011, 03:22 AM
  4. Replies: 2
    Last Post: 8th December 2009, 09:23 PM
  5. اَي سنڌ، مِٺي سنڌ
    By aliali14 in forum Sindhi
    Replies: 7
    Last Post: 15th November 2009, 03:12 PM

Bookmarks

Posting Permissions

  • You may not post new threads
  • You may not post replies
  • You may not post attachments
  • You may not edit your posts
  •