Assalam-o-Allykom Wrt Wbrkt
سمورا خواب پوڙها ٿي وياهن
اُميدن جي جواني ۾ به هاڻي
گهنج پياهن
پراڻا ٿيا نگاهن جا پَناهن
رهيو ڪو تيل ناهي موسمن جي
ڏيئن ۾
نه ئي ڌڙڪن دلين جي آ ليئن ۾
اُجاڙ منظرن جون هر طرف مزارون هن
۽ پوين محبتن جون
گهٽي گهٽي ۾ يادگارون هن
ايامن کان هنن ترسيل اکين
ڇاڇا نه ڪيو آ!
مگر اوسيئڙي جي ديوار ۾
ڪو ڏار ڀي هلڪو نه پيو آ
نه ئي قدمن جو ڪو کڙڪو ٿيو آ
اکين ۾ جاڳ جا سارا جواري
رُڌل آهن اڃا تائين پَتن ۾
۽ سوچن جا سپاهي ٿيڙ کائيندا رهن ٿا
جتي نظر ٿي وڃي
رڳو اداسين جا بس اتي ئي گهر آهن
رونقون ڄڻ وطن بدر آهن
۽ ڪامورن جي دلين جان
شهر جا رستا سوڙها ٿي وياهن
سمورا خواب پوڙها ٿي وياهن
Bookmarks