Page 1 of 2 12 LastLast
Results 1 to 12 of 13

Thread: ~~Sindh Bidget 2010-2011~~

  1. #1
    ALI AKBAR SHAR's Avatar
    ALI AKBAR SHAR is offline Advance Member
    Last Online
    9th April 2021 @ 03:12 PM
    Join Date
    27 Jul 2009
    Location
    ENGRO CITY DAHA
    Gender
    Male
    Posts
    4,608
    Threads
    507
    Credits
    1,292
    Thanked
    347

    Default ~~Sindh Budget 2010-2011~~

    ~~~~~SINDH BIDGET 2010-2011~~~~~

    Spacial Thread
    Last edited by ALI AKBAR SHAR; 8th June 2010 at 10:23 AM.
    Best Regards

  2. #2
    ALI AKBAR SHAR's Avatar
    ALI AKBAR SHAR is offline Advance Member
    Last Online
    9th April 2021 @ 03:12 PM
    Join Date
    27 Jul 2009
    Location
    ENGRO CITY DAHA
    Gender
    Male
    Posts
    4,608
    Threads
    507
    Credits
    1,292
    Thanked
    347

    Default

    سنڌ بجيٽ ۾ ترقياتي پروگرام لاءِ 115 ارب رکڻ جو فيصلو

    سنڌ جي ايندڙ مالي سال 11-2010ع جي 10 جون تي پيش ٿيندڙ بجيٽ ۾ سالياني ترقياتي پروگرام ۾ هلندڙ مالي سال جي ڀيٽ ۾ 25 ارب رپيا وڌائي هڪ سئو 15 ارب رپيا رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، سنڌ سرڪار جي ذميوار ذريعن موجب هلندڙ سال ۾ رکيل 90 ارب رپين جي سالياني ترقياتي پروگرام ۾ مجموعي طور تي 27 ڏهائي 77 سيڪڙو اضافي جو فيصلو ڪيو ويو آهي، هلندڙ مالي سال ۾ صوبائي حڪومت جو ساليانو ترقياتي پروگرام 75 ارب رپين جڏهن ته ضلعي حڪومتن جي سالياني ترقياتي پروگرام لاءِ 15 ارب رپيا رکيا ويا هئا، جڏهن ته ايندڙ مالي سال ۾ صوبائي حڪومت جي سالياني ترقياتي پروگرام لاءِ 95 ارب رپيا ۽ ضلعن جي سالياني ترقياتي پروگرام لاءِ 20 ارب رپيا رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اهڙي طرح هلندڙ مالي سال جي ڀيٽ ۾ ايندڙ مالي سال ۾ صوبائي حڪومت جي سالياني ترقياتي پروگرام ۾ 26 ڏهائي 6 سيڪڙو ۽ ضلعن جي سالياني ترقياتي پروگرام 33 ڏهائي 33 سيڪڙو اضافو ڪيو پيو وڃي، ذريعن موجب ايم پي ايز جي اوليتي ترقياتي پروگرام ۾ پڻ سئو سيڪڙو اضافو ڪيو پيو وڃي ۽ ايندڙ مالي سال ۾ هر ايم پي اي کي ترقياتي رٿائن لاءِ 2 ڪروڙ رپيا جڏهن ته هلندڙ مالي سال ۾ هر ايم پي اي لاءِ هڪ ڪروڙ رپيا رکيل آهن، مجموعي طور تي سنڌ اسيمبليءَ جي هڪ سئو 68 ميمبرن جي اوليتي ترقياتي پروگرام لاءِ 3 ارب 36 ڪروڙ رپيا رکيا ويندا، ذريعن ٻڌايو ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ پرڏيهي امداد سان هلندڙ ترقياتي رٿائن لاءِ 4 ارب 66 ڪروڙ رپيا رکيا ويندا، جڏهن ته شهرن جي ترقي لاءِ هلندڙ ترقياتي پروگرام لاءِ پڻ وڌايل رقمون رکيون وينديون، ذريعن ٻڌايو ته صوبائي حڪومت ۽ ضلعي حڪومتن ۾ مالي وسيلن جي ورڇ جو فارمولو ساڳيو پراڻو رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن تحت ضروري خرچ ڪڍي باقي رقم مان 55 سيڪڙو ضلعي حڪومتن جي خرچن ۽ 45 سيڪڙو رقمون صوبائي حڪومتن جي خرچ لاءِ رکيون وينديون

  3. #3
    Join Date
    09 Jan 2008
    Location
    B3h!nd Y0u
    Posts
    3,463
    Threads
    284
    Credits
    62
    Thanked
    86

    Default

    hmmmmm
    [CENTER][SIZE=4][COLOR=Lime]NoBody[/COLOR][/SIZE],[SIZE=4][COLOR=Black]is perfect ~N~ i m[/COLOR][/SIZE][COLOR=Black] [/COLOR][SIZE=4][COLOR=Lime]NoBody
    [/COLOR][/SIZE][SIGPIC][/SIGPIC] [/CENTER]

  4. #4
    ALI AKBAR SHAR's Avatar
    ALI AKBAR SHAR is offline Advance Member
    Last Online
    9th April 2021 @ 03:12 PM
    Join Date
    27 Jul 2009
    Location
    ENGRO CITY DAHA
    Gender
    Male
    Posts
    4,608
    Threads
    507
    Credits
    1,292
    Thanked
    347

    Default

    2010 key budget, awam ko dhoka fareeb ka sewa kuch nahe mila

  5. #5
    red_rose1's Avatar
    red_rose1 is offline Senior Member+
    Last Online
    9th February 2017 @ 07:17 AM
    Join Date
    11 Aug 2009
    Location
    Jupitor
    Age
    36
    Gender
    Male
    Posts
    1,247
    Threads
    53
    Credits
    1,064
    Thanked
    65

    Default

    g haan or aawam kia kar sakta hay?

  6. #6
    ALI AKBAR SHAR's Avatar
    ALI AKBAR SHAR is offline Advance Member
    Last Online
    9th April 2021 @ 03:12 PM
    Join Date
    27 Jul 2009
    Location
    ENGRO CITY DAHA
    Gender
    Male
    Posts
    4,608
    Threads
    507
    Credits
    1,292
    Thanked
    347

    Default

    سنڌ جي بجٽ سڀاڻي ٿيندي ڏسو ٿا ته سنڌ جي عوام لاءِ پاڪستان جي طرقي لاءِ ڇا رکيو ويو آهي

  7. #7
    ALI AKBAR SHAR's Avatar
    ALI AKBAR SHAR is offline Advance Member
    Last Online
    9th April 2021 @ 03:12 PM
    Join Date
    27 Jul 2009
    Location
    ENGRO CITY DAHA
    Gender
    Male
    Posts
    4,608
    Threads
    507
    Credits
    1,292
    Thanked
    347

    Default

    سنڌ جي کوٽ واري بجيٽ پيش:پگهارن ۽ ميڊيڪل الائونس ۾50 کان 100 سيڪڙو واڌ،صحت ۽ تعليم جي رقمن ۾واڌ،جي ايس ٽي صوبائي سرڪار اوڳاڙيندي

  8. #8
    ALI AKBAR SHAR's Avatar
    ALI AKBAR SHAR is offline Advance Member
    Last Online
    9th April 2021 @ 03:12 PM
    Join Date
    27 Jul 2009
    Location
    ENGRO CITY DAHA
    Gender
    Male
    Posts
    4,608
    Threads
    507
    Credits
    1,292
    Thanked
    347

    Default

    1

    ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڪالهه سنڌ اسيمبلي ۾ ايندڙ مالي سال 2011-2010ع لاءِ 4 کرب 22 ارب 25 ڪروڙ 11 لک 39 هزار رپين جي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ 25 ارب 15 ڪروڙ 34 لک 40 هزار رپين جي کوٽ ڄاڻائي وئي آهي. بجيٽ ۾ ڪوبه نئون ٽيڪس نه لڳايو ويو آهي. سالياني ترقياتي پروگرام ۾ 40 ارب رپيا يعني 53 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته وفاقي سرڪار جي اعلان جي پوئيواري ۾ سنڌ سرڪار جي ملازمن جي بنيادي پگهار ۾ پڻ 50 سيڪڙو ايڊهاڪ واڌ ڪئي وئي آهي ۽ ان سان گڏوگڏ هڪ کان 15 گريڊ جي ملازمن جي ميڊيڪل الائونس ۾ 100 سيڪڙو ۽ 16 کان 22 گريڊ جي ڪامورن جي ميڊيڪل الائونس ۾ 15 سيڪڙو واڌارو ڪيو ويو آهي. وڏي وزير بجيٽ ۾ اعلان ڪيو ته خدمتن تي جي ايس ٽي سنڌ حڪومت اوڳاڙيندي ۽ ان ڏس ۾ اوڳاڙين لاءِ 25 ارب رپين جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. وڏي وزير چيو ته بجيٽ جي کوٽ وفاقي سرڪار سان ڳرن قرضن واري وياج ۾ رعايت خاطر ڪوشش ڪرڻ ۽ غير ترقياتي خرچ گهٽائي پوري ڪئي ويندي. هن ٻڌايو ته بجيٽ جي مجموعي کوٽ اٽڪل 6 سيڪڙو آهي. بجيٽ ۾ تعليم لاءِ ڪل 60 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جڏهن ته امن امان تي 29 ارب رپين کان وڌيڪ رکيا ويا آهن. وڏي وزير بجيٽ ۾ اسٽيمپ ڊيوٽي جي ڪجهه اسمن تي رعايت ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيو. بجيٽ ۾ شهيد بينظير ڀٽو وومين سپورٽ پروگرام، شهيد بينظير ڀٽو يوٿ ڊولپمينٽ پروگرام، بي زمين هارياڻين ۾ مفت زمين ورهائڻ وارو پروگرام ۽ شهيد بينظير ڀٽو سستي وسندي پروگرام جاري رکڻ جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي، ان سان گڏوگڏ روڊن جي اڏاوت لاءِ 13 ارب رپيا رکڻ ۽ ڀنڀور لڳ 13 سئو ايڪڙن تي وڏو ”ڊيري وليج“ قائم ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي. بجيٽ ۾ سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن جي اوليتي ترقياتي رٿائن جي رقمن ۾ ڇهوڻي واڌ ڪري هر ايم پي اي لاءِ رکيل هڪ ڪروڙ رپين کي وڌائي 6 ڪروڙ رپيا ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي. بجيٽ ۾ ڪل غير ترقياتي خرچن جي ڪٿ 2 کرب 87 ارب 16 ڪروڙ 53 لک 68 هزار رپيا لڳائي وئي آهي، جنهن ۾ محصولاتي خرچن جي ڪٿ 2 کرب 68 ارب 26 ڪروڙ 72 لک 69 هزار رپيا، جڏهن ته سيڙپڪاري يا غير محصولاتي خرچن جي ڪٿ 18 ارب 89 ڪروڙ 80 لک 99 هزار رپيا لڳائي وئي آهي. ڪل محصولاتي خرچن مان صوبائي حڪومت جي خرچن لاءِ هڪ کرب 47 ارب 45 ڪروڙ 18 لک 62 هزار رپيا جڏهن ته ضلعي حڪومتن ۽ ٽي ايم ايز جي غير ترقياتي خرچن لاءِ هڪ کرب 20 ارب 81 ڪروڙ 54 لک 7 هزار رپيا رکيا ويا آهن. بجيٽ ۾ ترقياتي خرچن جي ڪل ڪٿ هڪ کرب 35 ارب لڳائي وئي آهي، جنهن ۾ سنڌ سرڪار جي صوبائي سالياني ترقياتي پروگرام لاءِ هڪ سئو 15 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جيڪي هلندڙ مالي سال ۾ رکيل 75 ارب رپين جي ڀيٽ ۾ 53 سيڪڙو وڌيڪ آهي. ترقياتي خرچن ۾ ڏڪار سٽيل علائقن ۾ ترقياتي رٿائن لاءِ 89 ڪروڙ 27 لک 71 هزار رپيا، پرڏيهي امداد سان هلندڙ ترقياتي رٿائن لاءِ چار ارب 16 ڪروڙ رپيا، شهرن جي بهتري واري ترقياتي پروگرام لاءِ 60 ڪروڙ رپيا، جڏهن ته وفاقي حڪومت جي سهڪار سان هلندڙ ترقياتي رٿائن لاءِ 14 ارب 43 ڪروڙ 30 لک رپيا رکيا ويا آهن. ان کانسواءِ ضلعي حڪومتون ۽ ٽي ايم ايز جي ترقياتي خرچن لاءِ 18 ارب رپيا رکيا ويا آهن. جيڪو هلندڙ مالي سال جي ڀيٽ ۾ رکيل 15 ارب رپين ۾ 20 سيڪڙو واڌارو آهي. بجيٽ ۾ ڪل آمدني جي ڪٿ 3 کرب 97 ارب 9 ڪروڙ 76 لک 99 هزار رپيا لڳائي وئي آهي. جنهن ۾ قومي مالياتي ايوارڊ تحت ملندڙ حصي جا 2 کرب 7 ارب 27 ڪروڙ 46 لک 40 هزار رپين جون رقمون، سنڌ سرڪار طرفان خدمتن تي جي ايس ٽي جي اوڳاڙين جي هدف جون رکيل 25 ارب رپين جون رقمون پڻ شامل آهن. جڏهن ته ڪل آمدني ۾ تيل ۽ گئس تي ملندڙ رائلٽي ۽ سرچارج جا 51 ارب 20 ڪروڙ 96 لک 3 هزار رپيا، ختم ڪيل آڪٽراءِ ۽ ضلعي ٽيڪس عيوض ملندڙ جي ايس ٽي ۾ کوٽ جي ازالي طور ملندڙ 5 ارب 72 ڪروڙ 35 لک رپيا، پروڊڪشن بونس جا 68 ڪروڙ 75 لک 79 هزار رپيا، سنڌ سرڪار ۾ بچت ۾ پيل 6 ارب رپيا ۽ سنڌ سرڪار جي صوبائي اوڳاڙين جا رکيل 50 ارب 50 ڪروڙ رپيا به شامل آهن. بجيٽ ۾ ڪل 3 کرب 97 ارب رپين جي ڪل ڪٿيل آمدني ۾ غير محصولاتي آمدني جا 26 ارب 12 ڪروڙ 99 لک 78 هزار رپيا پڻ شامل آهن. ايندڙ سال لاءِ ڳوٺ آباد ريگيولرائزيشن پروگرام تحت 2 هزار وڌيڪ ڳوٺن جو هدف رکيو ويو آهي ۽ اڍائي لک گهراڻن کي ليز جا حق ڏنا ويندا، جنهن سان 25 لک ماڻهن جي آبادي کي فائدو پوندو. مستقبل جي واڌ کي سلسليوار رکڻ لاءِ سيٽلائيٽ جي ذريعي جاگرافيائي سروي پڻ ڪئي پئي وڃي. پوليس جي بجيٽ کي جيڪا 17.9 ارب رپيا هئي. ان کي 11-2010ع ۾ وڌائي 29-ارب رپيا ڪيو ويو آهي، جيڪا 65 سيڪڙو واڌو آهي. ايندڙ سال لاءِ اسان فورسز جي چرپر ۽ نگراني کي بهتر بڻائڻ، اوزارن، هٿيارن ۽ اسلحي توڙي سي سي ٽي وي ڪئميرائن جي خريداري لاءِ هڪ ارب 70 ڪروڙ رپيا اضافي طور فراهم ڪري رهيا آهيون. وڏي وزير چيو ته موجوده حڪومت وڏي پيماني تي جيل سڌارن جو آغاز ڪيو آهي، جن جو مقصد جيلن جي حالتن کي سڌارڻ آهي. پرزن پوليس جي پگهار ۽ الائونس کي پوليس جي برابر ڪيو ويو آهي. انهن سڌارن کي جاري رکڻ لاءِ ايندڙ مالي سال لاءِ 20 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. هن چيو ته گذريل ٻن سالن دوران سنڌ حڪومت 50 ارب رپين جي لاڳت سان ڪراچي ۾ 230 رٿائون منظور ڪيون ۽ گذريل ٻن سالن ۾ 20 ارب رپين جي رقم رکي آهي. ايندڙ سال ڪراچيءَ اندر مختلف رٿائن لاءِ 16 ارب رپيا رکيا ويا آهن. ايندڙ سال لياري جي ترقي لاءِ 65 ڪروڙ 90 لک رپيا رکيا ويا آهن. هڪٻئي پيڪيج هيٺ ايندڙ سال لاءِ ڪياماڙي، ملير ۽ ڪراچي جي ٻهراڙين لاءِ هڪ ارب 30 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. وڏي وزير چيو ته حڪومت سنڌ ”حيدرآباد پيڪيج“ لاءِ 3-ارب 80 ڪروڙ ارب رپيا مهيا ڪيا آهن، جنهن مان روڊن، پاڻي جي فراهمي، گندي پاڻي جي نيڪال، پارڪس وغيره جون 31 رٿائون مڪمل ڪيون وينديون. حيدرآباد پيڪيج لاءِ هلندڙ مالي سال لاءِ ساڍا 48 ڪروڙ رپيا مهياڪيا ويا آهن
    .

  9. #9
    ALI AKBAR SHAR's Avatar
    ALI AKBAR SHAR is offline Advance Member
    Last Online
    9th April 2021 @ 03:12 PM
    Join Date
    27 Jul 2009
    Location
    ENGRO CITY DAHA
    Gender
    Male
    Posts
    4,608
    Threads
    507
    Credits
    1,292
    Thanked
    347

    Default

    2

    جڏهن ته ايندڙ مالي سال لاءِ هڪ ارب رپيا رکيا ويا آهن. ان سان گڏ، قاسم آباد لاءِ هڪ ڊرينيج اسڪيم پڻ منظور ڪئي وئي آهي ته جيئن موجوده نيڪال واري سرشتي ۾ بهتري آڻي سگهجي. هن چيو ته لاڙڪاڻي لاءِ 22 رٿائن تي مشتمل 4-ارب 60 ڪروڙ رپين جي خرچ سان هڪ پيڪيج منظور ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ اڌو اڌ جي نسبت سان وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت فنڊ مهيا ڪنديون. سنڌ حڪومت لاڙڪاڻي لاءِ گذريل ٻن سال دوران 2 ارب ريپا جاري ڪري چڪي آهي. جڏهن ته ايندڙ سال لاءِ هڪ ارب 20 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. وڏي وزير چيو ته نارٿ سنڌ اربن سروسز ڪارپوريشن (اين ايس يو ايس سي) ڪم شروع ڪري ڏنو آهي ۽ هاڻي پهرين مرحلي ۾ اتر سنڌ جي ستن شهرن ۾ پاڻي جي فراهمي، نيڪال، گند ڪچري کي ٺڪاڻي لڳائڻ واري سروسز جو انتظام سنڀاليندي. ان جو ٻيو مرحلو وچولي سنڌ ۾ شروع ڪيو ويندو، جيڪو بينظيرآباد، موري، شهدادپور، هالا، سانگهڙ ۽ دادو شهرن تائين پکڙيل هوندو. خيرپور ۾ گندي پاڻي جي نيڪال واري رٿا شروع ڪئي وئي آهي. جڏهن ته گند ڪچري کي محفوظ طريقي سان زمين ۾ پورڻ لاءِ کڏا Land Fill) لاڙڪاڻي، روهڙي ۽ شڪارپور ۾ تيار ڪيا پيا وڃن. دادو، ٺٽو، خيرپور، سکر، لاڙڪاڻي، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظيرآباد لاءِ شهري ماسٽر پلان جوڙيا پيا وڃن، جن سان ايندڙ 30 سالن جي ترقي لاءِ مربوط رٿابندي ڪئي وئي آهي. ان جو مکيه مقصد اهو آهي ته سڄي سنڌ ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ صفائي سٿرائي جون 17 سئو رٿائون جيڪي رولڙي جو شڪار رهيون آهن، انهن کي ٻيهر بحال ڪجي. ان ڏس ۾ هڪ سئو 14 (پاڻي جون 79 ۽ نيڪال جون 35) رٿائون 09-2008ع ۽ 10 پاڻي ۽ 5 نيڪال جون رٿائون جون 2009ع ۾ مڪمل ڪيون ويون. هلندڙ سال پاڻي جون 47 رٿائون ۽ نيڪال جون 50 رٿائون جون 2010ع تائين مڪمل ٿي وينديون، جن تي هڪ ارب 60 ڪروڙ رپيا خرچ ايندو. ان سان گڏ، صوبي جي ننڍن ڳوٺن ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪال وارين رٿائن تي 50 ڪروڙ ريپا خرچ ڪيا پيا وڃن. ايندڙ سال پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪال وارين رٿائن تي 3 ارب 70 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. وڏي وزير چيوته سنڌ ڊيري ۽ ميٽ ڊولپمينٽ ڪمپني جي شروعات ٿي چڪي آهي، جنهن سان 5 يا گهٽ ڍور رکندڙ مالوندن لاءِ گهڻ رخي رٿا شروع ڪئي وئي آهي. ان جو مکيه مقصد اهو آهي ته کير جي پيداوار ۾ اضافو ڪجي ۽ کين قرضن جي فراهمي ۽ ملڪ پروسيسنگ سسٽمز سان سلهاڙجي ته جيئن ڳوٺاڻن مالوندن جي آمدني وڌائي سگهجي. اسان ضلعي ٺٽي ۾ ڀنڀور وٽ 13 سئو ايڪڙن تي مشتمل ”ڊيري وليج“ قائم ڪري رهيا آهيون، جيڪو پروسيسنگ زون طور ڪم ڪندو ته جيئن کير ۽ گوشت جي پيداوار ۾ اضافو آڻي سگهجي. هن چيو ته هلندڙ سال لاءِ اسان روڊن جي شعبي لاءِ 12-ارب 30 ڪروڙ رپيا فراهم ڪيا هئا ۽ اسان اميد ٿا ڪريون ته ان رقم مان 4 سئو 15 ڪلوميٽر روڊن جي بهتري ٿيندي ۽ 15 سئو ڪلوميٽر نوان روڊ ٺهندا. صوبائي اسيمبلي جي ميمبر (ايم پي ايز) جي فنڊن مان 2-ارب 40 ڪروڙ رپين جي خرچ سان 6 سئو 52 ڪلوميٽر روڊن تي ڪم هلي رهيو آهي. جڏهن ته مالي سال 11-2010ع ۾ روڊن واري شعبي لاءِ 13 ارب رپيا رکيا ويا آهن. وڏي وزير چيو ته سياحت جي حوالي سان ٻه وڏا منصوبا تڪميل هيٺ آهن
    .

  10. #10
    ALI AKBAR SHAR's Avatar
    ALI AKBAR SHAR is offline Advance Member
    Last Online
    9th April 2021 @ 03:12 PM
    Join Date
    27 Jul 2009
    Location
    ENGRO CITY DAHA
    Gender
    Male
    Posts
    4,608
    Threads
    507
    Credits
    1,292
    Thanked
    347

    Default

    3

    ڪينجهر ڍنڍ جي ترقي لاءِ اڳئي اظهار دلچسپي گهرايا ويا آهن ۽ ان سلسلي ۾ سيڙپڪاري لاءِ ڪم اڳئي شروع ٿي چڪو آهي. هر ضلعي اندر ڪلچرل ڪامپليڪس قائم ڪيا پيا وڃن. ضرورتمند ڪاريگرن جي سهائتا لاءِ مالي سال 2010-2009ع دوران 10 ڪروڙ رپين جو هڪ ”انڊوومينٽ فنڊ“ قائم ڪيو آهي. هن چيو ته حڪومت گذريل ٻن سالن کان اقليتن جي ڀلائي لاءِ وقف ڪيل فنڊ فراهم ڪري رهي آهي. هن سال 10 ڪروڙ رپيا گهڻ رخن مقصدن لاءِ فراهم ڪيا ويا آهن. جڏهن ته مذهبي ۽ ثقافتي هنڌن جي بحالي، غريب شاگردن لاءِ وظيفن جي فراهمي ۽ پريشان حال خاندانن جي مالي سهائتا سميت اقليتي برادري جي سماجي ضرورتن لاءِ ايندڙ سال 25 ڪروڙ رپين جون گرانٽس ڏنيون وينديون. ساڌ ٻيلي جي مشهور ماڳ کي 2 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان بحال ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته اسان ڪوئلي جي کاڻين جي ترقي 12 سئو ميگاواٽ جو پاور پلانٽ قائم ڪرڻ لاءِ اينگرو گروپ سان هڪ گڏيل معاهدو ڪيو آهي. ساڳي ريت بدين ڪول فيلڊز ۾ 3 سئو ميگاواٽ جو پاور پلانٽ لڳائڻ لاءِ العباس گروپ سان گڏيل معاهدي کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي. ميسرز اوريڪل کي 3 سئو ميگاواٽ پاور پلانٽ ۽ برطانيا جي ڪمپني ميسرز ڪائوگر انرجي کي 4 سئو ميگاواٽ پاور پلانٽ لاءِ لائيسنز جاري ڪيا ويا آهن. ڊاڪٽر ثمر مبارڪ پڻ ٿر بلاڪ IV ۾ زير زمين ڪول گيسيفيڪيشن لاءِ هڪ اهم منصوبي تي ڪم ڪري رهيو آهي. ڪوئلي تي ٻڌل منصوبن ۾ سيڙپ لاءِ اتساهه خاطر ٿر ڪول انرجي بورڊ بي مثال مالياتي رعايتن جي منظوري ڏني آهي، جن ۾ 2015ع تائين مالياتي پڄاڻي ڪرڻ جي صورت ۾ 20 سيڪڙو جو انٽرنل ريٽ آف ريٽرن ٻڌل ٽيرف ۽ 2014ع تائين مالياتي پڄاڻي ڪندڙ پروجيڪٽس لاءِ 20.5 سيڪڙو جو هڪ لاءِ آر آر شامل آهن. هن چيو ته ٺٽي، بدين ۽ مٺي وٽان گذرندي ڪراچي کان اسلام ڪوٽ تائين 2 سئو 96 ڪلوميٽرن تي ٻڌل ٻٽي روڊ جي فزيبلٽي بابت اڳئي اشتهار ڏنو ويو آهي. ڪول فيلڊز کي پاڻي جي فراهمي لاءِ هڪ پاڻي جو نالو Conduit اڏڻ لاءِ منصوبي کي وفاقي پي ايس ڊي پي ۾ شامل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته زراعت جي شعبي سڌارن لاءِ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي سهڪار سان زرعي مارڪيٽ کي مرحليوار جديد بڻائڻ شامل آهي. ان منصوبي تحت زرعي مارڪيٽون ڪارپوريٽ طرز تي آزاد بورڊ جي ماتحت هونديون، جنهن ۾ سڀئي واسطيدار ماڻهو شامل هوندا. پيداواري صلاحيتن کي هٿي ڏيڻ لاءِ اسان 5 هزار ٽريڪٽر هارين کي گهٽ اگهه تي ڏيڻ لاءِ سال 10-2009ع ۾ هڪ ارب 35 ڪروڙ فراهم ڪيا آهن، جيڪا سهولت ايندڙ سال به ساڳي طرح جاري رکي ويندي. زرعي اوزارن جي فراهمي 3 سئو کان وڌيڪ ٽيوب ويل پڻ آبادگارن کي گهٽ قيمت تي فراهم ڪيا ويا آهن. سنڌ ترقياتي فنڊ (ايس ڊي ايف) تحت زرعي صنعت کي همٿائڻ لاءِ ٽن منصوبن کي مالي تعاون فراهم ڪيو آهي، جن مان ٻه کير جا پالرز ۽ هڪ کير کي محفوظ بڻائڻ جو مرڪز سانگهڙ ۾ لڳايا ويا آهن. کير جي برآمد ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ روزگار جا موقعا پڻ پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڏيندا. هن چيو ته ڪراچي، ٺٽو، بدين، مٺي، اسلام ڪوٽ روڊ (2 سئو 96 ڪلوميٽر) هي روڊ ڪول فيلڊ کي ڪراچي سان ڳنڍڻ ۾ اوليتي بنيادن تي کنيو ويو آهي. رتوديرو- ايس ايم ٿهيم، جيڪب آباد (61 ڪلوميٽر) رتوديرو انشاءَ الله گوادر رتوديرو شاهراهه تعمير ٿيڻ کانپوءِ هڪ اسٽريٽجڪ شاهراهه بڻبي. اهو ڊبل ڪيريج وي رتوديرو ۽ جيڪب آباد وچ ۾ 27 ڪلوميٽرن جي فاصلي کي گهٽ ڪندو ۽ ٻنهي شهرن جي اسٽريٽجڪ اهميت کي پڻ وڌائيندو. هن چيو ته قاضي احمد-بينظيرآباد، سانگهڙ، ميرپورخاص روڊ (هڪ سئو 59 ڪلوميٽر) ۽ هالا، شهدادپور، سانگهڙ روڊ (58 ڪلوميٽر) اهي ٻئي روڊ وچين سنڌ جي مختلف شهرن کي پاڻ ۾ ڳنڍيندا. اهي روڊ وچين علائقن جي مختلف شهرن جي اقتصادي واڌ ۽ عوام کي سهولتون پهچائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. حيدرآباد-بدين روڊ (هڪ سئو ڪلوميٽر) هن روڊ جي فزيبلٽي تقريبن مڪمل ٿي چڪي آهي نارا ڪئنال روڊ سکر کان عمرڪوٽ (3 سئو 74 ڪلوميٽر) انسپيڪشن پاٿ کي روڊ ۾ تبديل ڪرڻ پڻ منصوبي هيٺ آهي. نوابشاهه، راڻيپور وايا فيض گنج مير واهه، هي روڊ پڻ ايشيائي ترقياتي بئنڪ منصوبي تحت کنيو ويو آهي پر ڪجهه قانوني مونجهارن سبب اڌ ۾ ڇڏيو ويو هو، جيڪو پڻ ڊبل ڪيريج وي طور تعميرڪيو ويندو
    .

  11. #11
    ALI AKBAR SHAR's Avatar
    ALI AKBAR SHAR is offline Advance Member
    Last Online
    9th April 2021 @ 03:12 PM
    Join Date
    27 Jul 2009
    Location
    ENGRO CITY DAHA
    Gender
    Male
    Posts
    4,608
    Threads
    507
    Credits
    1,292
    Thanked
    347

    Default

    3

    ڪينجهر ڍنڍ جي ترقي لاءِ اڳئي اظهار دلچسپي گهرايا ويا آهن ۽ ان سلسلي ۾ سيڙپڪاري لاءِ ڪم اڳئي شروع ٿي چڪو آهي. هر ضلعي اندر ڪلچرل ڪامپليڪس قائم ڪيا پيا وڃن. ضرورتمند ڪاريگرن جي سهائتا لاءِ مالي سال 2010-2009ع دوران 10 ڪروڙ رپين جو هڪ ”انڊوومينٽ فنڊ“ قائم ڪيو آهي. هن چيو ته حڪومت گذريل ٻن سالن کان اقليتن جي ڀلائي لاءِ وقف ڪيل فنڊ فراهم ڪري رهي آهي. هن سال 10 ڪروڙ رپيا گهڻ رخن مقصدن لاءِ فراهم ڪيا ويا آهن. جڏهن ته مذهبي ۽ ثقافتي هنڌن جي بحالي، غريب شاگردن لاءِ وظيفن جي فراهمي ۽ پريشان حال خاندانن جي مالي سهائتا سميت اقليتي برادري جي سماجي ضرورتن لاءِ ايندڙ سال 25 ڪروڙ رپين جون گرانٽس ڏنيون وينديون. ساڌ ٻيلي جي مشهور ماڳ کي 2 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان بحال ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته اسان ڪوئلي جي کاڻين جي ترقي 12 سئو ميگاواٽ جو پاور پلانٽ قائم ڪرڻ لاءِ اينگرو گروپ سان هڪ گڏيل معاهدو ڪيو آهي. ساڳي ريت بدين ڪول فيلڊز ۾ 3 سئو ميگاواٽ جو پاور پلانٽ لڳائڻ لاءِ العباس گروپ سان گڏيل معاهدي کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي. ميسرز اوريڪل کي 3 سئو ميگاواٽ پاور پلانٽ ۽ برطانيا جي ڪمپني ميسرز ڪائوگر انرجي کي 4 سئو ميگاواٽ پاور پلانٽ لاءِ لائيسنز جاري ڪيا ويا آهن. ڊاڪٽر ثمر مبارڪ پڻ ٿر بلاڪ IV ۾ زير زمين ڪول گيسيفيڪيشن لاءِ هڪ اهم منصوبي تي ڪم ڪري رهيو آهي. ڪوئلي تي ٻڌل منصوبن ۾ سيڙپ لاءِ اتساهه خاطر ٿر ڪول انرجي بورڊ بي مثال مالياتي رعايتن جي منظوري ڏني آهي، جن ۾ 2015ع تائين مالياتي پڄاڻي ڪرڻ جي صورت ۾ 20 سيڪڙو جو انٽرنل ريٽ آف ريٽرن ٻڌل ٽيرف ۽ 2014ع تائين مالياتي پڄاڻي ڪندڙ پروجيڪٽس لاءِ 20.5 سيڪڙو جو هڪ لاءِ آر آر شامل آهن. هن چيو ته ٺٽي، بدين ۽ مٺي وٽان گذرندي ڪراچي کان اسلام ڪوٽ تائين 2 سئو 96 ڪلوميٽرن تي ٻڌل ٻٽي روڊ جي فزيبلٽي بابت اڳئي اشتهار ڏنو ويو آهي. ڪول فيلڊز کي پاڻي جي فراهمي لاءِ هڪ پاڻي جو نالو Conduit اڏڻ لاءِ منصوبي کي وفاقي پي ايس ڊي پي ۾ شامل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته زراعت جي شعبي سڌارن لاءِ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي سهڪار سان زرعي مارڪيٽ کي مرحليوار جديد بڻائڻ شامل آهي. ان منصوبي تحت زرعي مارڪيٽون ڪارپوريٽ طرز تي آزاد بورڊ جي ماتحت هونديون، جنهن ۾ سڀئي واسطيدار ماڻهو شامل هوندا. پيداواري صلاحيتن کي هٿي ڏيڻ لاءِ اسان 5 هزار ٽريڪٽر هارين کي گهٽ اگهه تي ڏيڻ لاءِ سال 10-2009ع ۾ هڪ ارب 35 ڪروڙ فراهم ڪيا آهن، جيڪا سهولت ايندڙ سال به ساڳي طرح جاري رکي ويندي. زرعي اوزارن جي فراهمي 3 سئو کان وڌيڪ ٽيوب ويل پڻ آبادگارن کي گهٽ قيمت تي فراهم ڪيا ويا آهن. سنڌ ترقياتي فنڊ (ايس ڊي ايف) تحت زرعي صنعت کي همٿائڻ لاءِ ٽن منصوبن کي مالي تعاون فراهم ڪيو آهي، جن مان ٻه کير جا پالرز ۽ هڪ کير کي محفوظ بڻائڻ جو مرڪز سانگهڙ ۾ لڳايا ويا آهن. کير جي برآمد ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ روزگار جا موقعا پڻ پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڏيندا. هن چيو ته ڪراچي، ٺٽو، بدين، مٺي، اسلام ڪوٽ روڊ (2 سئو 96 ڪلوميٽر) هي روڊ ڪول فيلڊ کي ڪراچي سان ڳنڍڻ ۾ اوليتي بنيادن تي کنيو ويو آهي. رتوديرو- ايس ايم ٿهيم، جيڪب آباد (61 ڪلوميٽر) رتوديرو انشاءَ الله گوادر رتوديرو شاهراهه تعمير ٿيڻ کانپوءِ هڪ اسٽريٽجڪ شاهراهه بڻبي. اهو ڊبل ڪيريج وي رتوديرو ۽ جيڪب آباد وچ ۾ 27 ڪلوميٽرن جي فاصلي کي گهٽ ڪندو ۽ ٻنهي شهرن جي اسٽريٽجڪ اهميت کي پڻ وڌائيندو. هن چيو ته قاضي احمد-بينظيرآباد، سانگهڙ، ميرپورخاص روڊ (هڪ سئو 59 ڪلوميٽر) ۽ هالا، شهدادپور، سانگهڙ روڊ (58 ڪلوميٽر) اهي ٻئي روڊ وچين سنڌ جي مختلف شهرن کي پاڻ ۾ ڳنڍيندا. اهي روڊ وچين علائقن جي مختلف شهرن جي اقتصادي واڌ ۽ عوام کي سهولتون پهچائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. حيدرآباد-بدين روڊ (هڪ سئو ڪلوميٽر) هن روڊ جي فزيبلٽي تقريبن مڪمل ٿي چڪي آهي نارا ڪئنال روڊ سکر کان عمرڪوٽ (3 سئو 74 ڪلوميٽر) انسپيڪشن پاٿ کي روڊ ۾ تبديل ڪرڻ پڻ منصوبي هيٺ آهي. نوابشاهه، راڻيپور وايا فيض گنج مير واهه، هي روڊ پڻ ايشيائي ترقياتي بئنڪ منصوبي تحت کنيو ويو آهي پر ڪجهه قانوني مونجهارن سبب اڌ ۾ ڇڏيو ويو هو، جيڪو پڻ ڊبل ڪيريج وي طور تعميرڪيو ويندو
    .

  12. #12
    ALI AKBAR SHAR's Avatar
    ALI AKBAR SHAR is offline Advance Member
    Last Online
    9th April 2021 @ 03:12 PM
    Join Date
    27 Jul 2009
    Location
    ENGRO CITY DAHA
    Gender
    Male
    Posts
    4,608
    Threads
    507
    Credits
    1,292
    Thanked
    347

    Default

    4


    سنڌو درياءَ تي ٻه وڌيڪ پلون تعمير ڪرڻ جا به منصوبا ترتيب ڏنا آهن. جيڪي ڪنڌڪوٽ کي قادرپور سان ۽ جهرڪ کي ملاڪاتيار سان ڳنڍيندا، جنهن جي ڪري سنڌو تي ساڄي ۽ کاٻي پاسي جي ڪنارن سان اقتصادي سرگرمين کي وڌائڻ ۾ مدد ملندي. انهيءَ منصوبي کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ذريعي کڻڻ لاءِ تجويز ڪيو ويو آهي، جيڪو هڪ سئو ارب رپين جي پبلڪ فنڊز ذريعي کڻڻ لاءِ ممڪن نه هو. پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي تجربي جي روشني ۾ ۽ روڊن تي ٽرئفڪ جي آمد رفت کي مدنظر رکندي تقريبن 30 کان 40 سيڪڙو حڪومت طرفان ڇوٽ جي ضرورت آهي. اهو صرف تڏهن حاصل ٿي سگهي ٿو، جڏهن اسان 30 کان 40 ارب 3 سالن ۾ مختص ڪريون. انهيءَ ڪري اٽڪل 10 ارب ايندڙ مالي سال ۾ رکيا آهن، ته جيئن سنڌ ۾ وڏي بنيادي ڍانچي جي مرحلي کي شروع ڪيو وڃي. موجوده صنعتي اسٽيٽ کي مستحڪم ڪرڻ ۽ وڌيڪ صنعتن کي ترقي وٺرائڻ وقت جي اهم ضرورت هئي ۽ ان جي ذريعي صنعتي ترقي ممڪن آهي. انهيءَ سلسلي ۾ ٻن مخصوص ضرورتن کي اسان ايندڙ سال ۾ کنيو آهي. پهرين قدم طور اسان ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي تعاون سان سڀني واسطيدارن تي مشتمل مئنيجمينٽ ڪاميٽيون ٺاهيون وينديون، جيڪي وڌيڪ اثرائتن مئنيجمينٽ اصولن تحت صنعتي اسٽيٽ کي هلائينديون. جنهن جي شروعات ڪوٽڙي، نوري آباد، بينظيرآباد، لاڙڪاڻو ۽ خيرپور صنعتي علائقن کان ڪئي ويندي. اسان ٺٽي ويجهو هڪ نئون شهر ”ذوالفقار آباد“ تعمير ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو آهي، جيڪو جاري رهندو ۽ جنهن لاءِ سنڌ لينڊ ڪمپني پڻ قائم ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ايندڙ سال پنجون بنيادي ڌيان تعليم جي شعبي تي رهندو تعليم تائين هن وقت عام ماڻهو جي پهچ ۽ معياري تعليم جي فراهمي جهڙن ٻٽي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيا آهيون. ايندڙ سال هڪ سئو ڪمپريهينسو اسڪول تعمير ڪرڻ جو منصوبو آهي. يونين ڪائونسل جي سطح تي اسڪولن جي اصل ضرورت کي نظر ۾ رکندي 5 کان 10 وڏا اسڪول قائم ڪيا ويندا، ٽئين مقصد تحت مرحليوار تعلقي سطح تي بورڊنگ اسڪولن جو قيام آهي. اهي اسڪول سکڻ جا سڀ موقعا فراهم ۽ ٻارن جي شخصي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ماحول کي ٺاهڻ ۾ مدد ڏيندا. ايندڙ سال 10 بورڊنگ اسڪول تعمير ڪرڻ جو منصوبو شامل آهي. تعليم جي بجيٽ ضلعي حڪومت سميت تقريبن 60 ارب آهي. صوبائي سطح تي تعليم جي ترقي جي بجيٽ 5 ارب 90 ڪروڙ کان 7 ارب تائين وڌائڻ جي تجويز آهي. انهيءَ ۾ اضافي طور 6 ارب بورڊنگ اسڪول ۽ ڪمپريهنسيو اسڪولن جي لاءِ پڻ آهي. ان کانسواءِ 7 ارب سان سنڌ ايجوڪيشن ريفارم پروگرام جيڪو عالمي بئنڪ ۽ يورپين يونين جي سهڪار سان گذريل 2 سالن کان عمل هيٺ آهي. هن چيو ته اسان صحت جي ترقياتي بجيٽ کي پڻ خاطر خواهه وڌايو آهي. 08-2007ع ۾ اها صرف هڪ ارب 20 ڪروڙ هئي ۽ اسان هن سال وڌائي 5 ارب 70 ڪروڙ ڪئي آهي. جيڪا 3 سئو سيڪڙو وڌيڪ آهي. ايندڙ سال لاءِ اسان صحت جي ترقياتي بجيٽ کي 6 ارب 30 ڪروڙ تائين وڌائينداسين ۽ 10-ارب 60 ڪروڙ موجوده بجيٽ ۾ واڌارو ڪيو آهي. هن سال صحت جا ادارا جن ۾ ٽيچنگ اسپتالن کي بهتر بڻائڻ ۽ اضافي سهولتون فراهم ڪرڻ پڻ شامل آهي. حڪومت ضلعي سطح جي هڙني اسپتالن جي بهتري ۽ تعلقي اسپتالن کي ضلعي اسپتالن جي سطح تي پڻ وڌائڻ جو ڪم شروع ڪيو آهي. هن نئين ڪم تحت 4 ضلعي هيڊڪوارٽر اسپتالون ۽ 3 تعلقي هيڊڪوارٽر اسپتالن جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي. ايندڙ سال باقي رهيل اسپتالون پڻ کنيون وينديون. سرڪاري ملازمن جي پگهار ۾ واڌ بابت وڏي وزير چيو ته وفاقي حڪومت جي اعلان مطابق حڪومت سنڌ پڻ صوبائي حڪومت جي ملازمن جي پگهارن ۾ اضافي جي تجويز ڪئي آهي جنهن ۾ ايڊهاڪ رليف 50 سيڪڙو بنيادي پگهار جو، هڪ سئو سيڪڙو اضافو ميڊيڪل الائونس ۾ گريڊ هڪ کان 15 گريڊ جي بنيادي پگهار جو 15 سيڪڙو بطور ميڊيڪل الائونس 16 کان 22 گريڊ جي سرڪاري ملازمن لاءِ اهو اضافو 31 ارب رپين جي اضافي رقم سان صوبائي ناڻي تي ڪاٿو لڳايو ويو آهي. وڏي وزير چيو ته حڪومت سنڌ استادن جي ڊگهي عرصي کان رهيل مطالبي ٽائيم اسڪيل ۽ ٽيچنگ الائونس ڏيڻ تسليم ڪيو آهي، ان ڏس ۾ سنڌ سرڪار کي هڪ ارب 80 ڪروڙ رويپا ڏيڻا پوندا. وڏي وزير چيو ته 18-هين ترميم کانپوءِ آئين پاڪستان ۾ ڪيپيٽل ويليو ٽيڪس (سي وي ٽي) غير متحرڪ جائيداد تي صوبائي اختيارن تحت لڳايو آهي. وفاقي حڪومت اهو ٽيڪس 4 سيڪڙو قيمت سان وصول ڪري رهي آهي. حڪومت سنڌ رهائشي مقصد لاءِ 2 سيڪڙو ۽ ڪمرشل مقصد لاءِ اڍائي سيڪڙو غير متحرڪ جائيداد تي لڳائڻ جي تجويز ڪئي آهي. جيڪو 37.5 سيڪڙو کان 50 سيڪڙو سنڌ جي عوام تان بار گهٽ ڪيو ويندو. ان سان گڏو گڏ حڪومت ڪنوينينس ڊيڊ تان اسٽيمپ ڊيوٽي جي 3 مان گهٽائي 2 سيڪڙو جي تجويز ڪري رهي آهي، جنهن جي ذريعي نيٽ ۾ واڌارو ۽ اضافي ڊاڪيومينٽيشن کي سهولت ڏيڻ مقصد آهي. جڏهن ته ڪنوينينس ڊيڊ تان اسٽيمپ ڊيوٽي 3 سيڪڙو مان گهٽائي 2 سيڪڙو 7 فارم رجسٽريشن ڊيوٽي هڪ سئو سيڪڙو کان گهٽ ڪري 0.5 سيڪڙو ڪرڻ، اسٽيمپ ڊيوٽي کي ڪجهه مالي اسمن تان گهٽائڻ پارٽيپيشن ٽرم فنانس سرٽيفڪيٽ ۽ ڪمرشل پيپرز پنجاب ۽ اسلام آباد جي اگهن وانگر برابر ڪرڻ، انهي
    سان سنڌ ۾ انهن مالي نقطن کي ڊاڪيومينشن ڪرڻ ۾ مدد ملندي، جيڪو اقتصادي سرگرمين کي وڌائڻ ۾ هڪ هاڪاري اثر پيدا ڪندو.

Page 1 of 2 12 LastLast

Similar Threads

  1. Cricket Revolution 2010 & 2011 not run on win7 help?
    By someoneideal in forum Help/Request (PC Games)
    Replies: 13
    Last Post: 12th October 2014, 09:35 PM
  2. Need Cabilas Dangerous Hunt 2010-2011 For Pc
    By Hasnain93 in forum Help/Request (PC Games)
    Replies: 0
    Last Post: 21st April 2012, 11:58 AM
  3. Answered B.com part 2 result 2010 University of Sindh Jamshoro
    By AAB88 in forum Educational Help
    Replies: 3
    Last Post: 9th August 2011, 08:20 PM
  4. The Day B\W 2010 and 2011
    By mohammadhanif14 in forum Photo Gallery
    Replies: 2
    Last Post: 31st December 2010, 11:27 AM

Bookmarks

Posting Permissions

  • You may not post new threads
  • You may not post replies
  • You may not post attachments
  • You may not edit your posts
  •