سھڻا رشتا گھڙيال جي ڪانٽي وانگر ھوندا آھن جيڪي پاڻ ۾ ڪجھ وقت لاءِ ملندا آھن پر ھميشه رابطي ۾ رھندا آھن ـ خاموش قيدي
ويو سڀ ورھائجي باقي درد بچيو،
ڪنھن ائين نه چيو حصو ڏي انھي مان ـ
غلام کي پي ايڇ ڊي جي ضرورت ناھي غلامي ھڪ احساس آھي جڏھن غلام کي احساس ٿيو آئون غلام آھيان اھو ڏينھن غلام جي آزادي جو ڏينھن آھي ـ ڊاڪٽر الله نذر بلوچ
تـــــــون ۽ مـــــــان
ھڪ دفعي خليل جبران محبوبه کي مسلسل طور تصوير ٺاھيندي ڏسي رھيو ھو، جنھن ۾ ھو رنگ ڀري رھي ھئي. اوچتو خليل پنھنجي محبوبه کي چيو ته ستن لفظن ۾ دنيا جي تعريف ڪر سندس محبوبه سوچي جواب ڏنو ، خدا ، حسن ، پيار ، زندگي ۽ ڌرتي ، ائين چئي ھو چُپ ٿي وئي . خليل جبران چيس باقي ٻه لفظ تنھن تي محبوبه به چيس ته باقي ٻه لفظ تون ٻڌاءِ ان تي جبران وراڻيو باقي ٻه لفظ تون ۽ مان ، اگر اھي ٻئي لفظ نه ھجن ته باقي پنجن لفظن جي ڪا معنيٰ ڪانه ٿي رھي ـ
جڏھن ھڪ شخص چڙ ۽ غصي ۾ ڀرجي، تو سان بيھودن لفظن ۾ ڳالھائي ٿو ، ۽ توکي معلوم آھي ته ھو غلط ۽ غير معقول آھي ته اھا ته تنھنجي وڏي بيوقوفي ٿيندي، جو تون به ان وانگر جوش ۾ اچي واڪا ڪرين، انھي جي معنيٰ ته ھيءَ ٿي ته ھڪ چرئي کي ڏسي، تون به چيو ٿي وڃين!ـ
فرينڪلن
انسان جي زندگيءَ جو مقصد ڪو اھو ڪونھي ته ھن کي نيٺ قبرستان رسايو وڃي، بلڪ ھن کي پنھنجي زندگيءَ جو ڪو مقصد ضرور بنائڻ گھرجي نه ته ھن جي ڄمڻ جو ڪو ضرور ئي ڪونه ھو!ـ
لانگ فيلو
جيئن ڪو درد اسان کي ڪنھن خرابيءَ کان آگاھه ڪرڻ لاءِ ٿيندو آھي ، تئن مصيبتون به در حقيقت سجاڳ ڪرڻ لاءِ اچن ٿيون!ـ ڊابسن
دولتمندن ۽ سرمائيدارن جي خيرات ۽ چندي مان ھلندڙ سوسائٽيون ھميشه دولتمند جي طاقت ۽ موجوده سرمائيدار نظام کي قائم رکڻ ۾ مدد گار ثابت ٿينديون آھن، ھو صبر ۽ تحمل جي تلقين ۽ تبليغ سان غريبن جي انقلابي جذبن کي ٿڌو ڪنديون رھنديون آھن، ته جيئن سرمائيدار بي خوف و خطر سندن رت چوسيندا رھن!ـ برنار ڊشا
اڳئين زماني جي درويشن جا پيالا ڪاٺ جا ھئا ۽ ھو پاڻ سون جا، مگر ھاڻوڪي زماني جي درويشن جي اھا حالت آھي، جو سندن پيالا ته سون جا آھن پر پاڻ ڪاٺ جا!ـ
ڊيڪن
جنھن چيز کي اوھين سڌاري نٿا سگھو تنھن کي ڪم از ڪم بگاڙيو ته نه!ـ
شيڪسپيئر
جو شخص علم حاصل ڪرڻ ۾ ننڍپڻ جا ٿورا ورھيه خرچ نٿو ڪري، ان کي سڄي عمر جھل جون سختيون ئي برداشت ڪرڻيون پونديون آھن!ـ ارسطاطاليس
حق جي ڪڙائيءَ کي برداشت ڪرڻ نھايت ڏکيو ڪم آھي، پر سڀاڳو آھي اھو شخص جو ٻين جي نيصحت کي ٻڌي!ـ غزالي
ماڻھوءَ جو اھو خيال سندس بيوقوفيءَ تي دليل آڳي، ته ھو پاڻ کي سڀ کان وڌيڪ ڏاھو ۽ عقلمند سمجھندو رھي !ـ جالينوس
زندگيءَ جو مقصد، مال ۽ دولت ، خوشي ۽ مسرت نه آھي، پر مقصد آھي، انسانيت جي تڪميل !ـ ھيگل
اھو دوست ڪھڙو، جو رڳو اوھان جو وقت ضايع ڪندو رھي، اوھان اھڙو دوست ڳوليو، جنھن کان ھميشه اوھان جو وقت زندهه رھي !ـ خليل جبران
خوبصورتي، بيشڪ زندگيءَ جي وڻ ۾ ، ھڪ نازڪ شاخ وانگر آھي، پر نيڪي ان کان وڌيڪ آھي ڇا لاءِ ته نيڪي آھي لذيذ ميوو !ـ سقراط
مون وٽ ساده دل ۽ گمنام انسان، پنھنجي تجربي ۽ مشاھدي جا لازوال تحفا کڻي اچن ۽ منھنجي روح کي مالامال ڪن، اھي انھن کان بھتر آھن ، جو پڙھيل ڪڙھيل اچن ۽ مڪر ۽ فريب سان ، منھنجي روح کي رنج پھچائين!ـ گورڪي
دشمن جي طاقت جو تصور ، ان جي اصلي طاقت کان وڌيڪ، ۽ انقلابي قوتن جو تصور ان جي اصلي قوت کان گھٽ ڪرڻ زبردست غلطي آھي!ـ مائوزي تنگ
اھو چٻرو، جنھن جون اکيون رڳو رات جو کُلن ٿيون، اھو روشنيءَ جي اسرار کان ڪٿي ٿو واقت ٿي سگھي!ـ جبران
Bookmarks