هَٿين پيرين مُوتِڙئين، هلِج ساڻُ هِنئين
عِشقُ آريءَ ڄامَ جو، نباهي نَئين
جان جان ٿي جِئين، تان پاڙجِ ڪو مَ پُنهونءَ سين


تون هٿن، پيرن ۽ گوڏن ڀر هلج، بلڪه دل سان پنڌ ڪج. آريءَ ڄام (پنهونءَ) سان محبت سان نباهج. جيسين جيئري آهين، تيسين ٻئي ڪنهن کي به پنهونءَ جو مٽ نه ڀائنج

*سُـــــرُ معذوري*