بلاول ڀٽو زرداري ڪارڪنن سان رابطي لاءِ پنهنجي اي ميل ايڊريس جاري ڪري ڇڏي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارٽي ڪارڪنن جون شڪايتون ۽ تجويزون حاصل ڪرڻ لاءِ عوامي اي ميل ايڊريس جاري ڪيو آهي، بلاول ڀٽو زرداري عوامي اي ميل ايڊريس جاري ڪرڻ دوران چيو ته اسان پ پ ۾ ڪارڪنن سان لاڳاپا مضبوط ڪرڻ چاهيون ٿا، تنهن ڪري اهي ساڻس chairman@ppp.org.pk اي ميل ايڊريس تي سڌو رابطو ڪري سگهن ٿا، بلاول ڀٽو چيو ته اسان ۽ ڪارڪن اڻٽٽ ڳانڍاپي سان ڳنڍيل آهيون، اسان پ پ خاندان جي ٽئين نسل سان واسطو رکون ٿا، هن چيو ته اسان جي جماعت هاڻي عالمي جماعت آهي، جڏهن ڪو فرد پاڪستان ۾ جمهوريت جي ڳالهه ڪري ٿو ته پ پ عوام جي پهرين چونڊ آهي. اسان کي هميشه ڪارڪن جي تجويزن جي ضرورت آهي، مون کي اي ميل ايڊريس جاري ڪرڻ تي خوشي ٿي رهي آهي، جنهن ذريعي ڪارڪن شڪايتون موڪلي سگهن ٿا، جن جو ازالو ڪيو ويندو.


Good News for All IT Dunya Friends
Bilawal Bhutto Zardari nain APNY Id bana de es se wo Pakistan key awam kay Masly Sunain Ga
chairman@ppp.org.pk