تون پاپ کي او پاپي! ڪيڏو ته ٿو پڏائين

۽ پيار کي هزار ٿو پرزا ڪري ورهائين

تون لالچي لٽيرو لاهور ٿو وسائين

مان سن کي ٿو قومي قبلو مڃان سدائين

تنهنجو الڳ عقيدو منهنجو به پير ٻيوآ

تنهنجو ضمير ٻيو آ منهنجو ضمير ٻيو آ

هي ظلم آ سراسر بيدادگي نسوري

ڪنهن جي حصي جو پاڻي ڪنهن کان جي کسجي زوري

مؤجن جي مند ۾ ٿي مهراڻ مان ٿئي چوري

او عالمي ادارا ! ڀل ساک ڏيو سدوري

هڪڙو ڪچو آ شاهد ۽ ٻيو مشير ٻيو آ

تنهنجو ضمير ٻيو آ منهنجو ضمير ٻيو آ

تو سنڌ ٿي کپائي گهر گهاٽ تي ڏئي هوڪو

مون قوم ٿي بچائي شاهد ملير مورو

سنڌ سونهن سان سچو مان تنهنجو ڌرم ئي ڌوڪو

منهنجو ته ڏوهه ناهي تنهنجو به ناهي ڇو جو

تنهجو خمير ٻيو آ، منهنجو خمير ٻيو آ

تنهنجو ضمير ٻيو آ، منهنجو ضمير ٻيو آ

تو آبرو امن جا بيهي ڪڍيا جنازا

مان پاڻ ٿو ڏسان پيو پنهنجي اکين سان لاشا

ڪنهن ڀيڻ جي ڳلن تان ڳوڙها اگهيئي نه تازا

مظلوم مائرن جا بيهي ڏٺئي تماشا !

تو ٿڃ ناهي پيتي، پيتو ڪو کير ٻيو آ

تنهنجو ضمير ٻيو آ، منهنجو ضمير ٻيو آ

هٿ هٿ ۾ ڏئي چيو مون تو هٿڪڙيون لڳايون

ديدن جي ڳالهه ڪئي مون تو ٿي ڏسيون دوناليون

ڳل تي نه چپ ڀلي رک ٽانڊا نه وڃ وڇايون

منهنجون ته ڪوششون ڄڻ ”عادل“ ويون اجايون

زلفن جو مون گهريو تو آندو زنجير ٻيو آ

تنهنجو ضمير ٻيو آ منهنجو ضمير ٻيو آ


--------------------------------------------------------------------------------

باهه ٿو فردوس ۾ ٻاري ڇڏي!

سونهن ٿو ڪاري ڪري ماري ڇڏين!

پيار جا پاپي ائين پسٽل کڻي

گام تان گهوري ٻه ٽي گوليون هڻي

جهنگ جي قانون ڪاري جا ڌڻي

ڇو گلابي جسم ٿو ٺاري ڇڏين !

سونهن ٿو ڪاري ڪري ماري ڇڏين!

وحشتن جا ڏيهه ۾ ڏئي واڪ تون

۽ ارادا ۡخود کڻي ناپاڪ تون

پيار جي پرزا ڪري پوشاڪ تون

نينهن کي ننگو ٿو بيهاري ڇڏي !

سونهن ٿو ڪاري ڪري ماري ڇڏي !

شاهديون مهراڻ جون ڇوليون ڀري

جي ڏين تو تي منهنجي دل ٺري

عشق جي الزام ۾ قابو ڪري

تون سنڌؤ ۾ لاش ٿو تاري ڇڏين !

سونهن ٿو ڪاري ڪري ماري ڇڏين!

نفرتون بندوق ۾ پيو ٿو ڀرين

سونهن سڪ تي روز ٿو حملا ڪرين

شل ٻڏين پنهنجي پگهر ۾ تون مرين

خون سان ڇو ٿو خوشيون ڌئاري ڇڏين!

سونهن ٿو ڪاري ڪري ماري ڇڏين!

تو محبت جي نه سمجهي ماجرا

دل جي دنيا کا صفا ڄڻ اوپرا

اواڙي ! آدم جا ارڏا ڇوڪرا

تون حوا کي رت ٿو رئاري ڇڏين!

سونهن ٿو ڪاري ڪري ماري ڇڏين!

شڪ جا شيطان سڀ سمهندا وري

سونهن سِڪَ آزاد ٿي گهمندا وري

ڪي ته ڪنهن جا هٿ وٺي چمندا وري

حوصلا ”عادل“ متان هاري ڇڏين !

سونهن ٿو ڪاري ڪري ماري ڇڏين!