اسلام عليڪم ،
اُميد آهي ته سڀ خيريت سان هوندا....
اڄ آئون توهان دوستن جي لاءِ هڪ سندهي جو هڪ بهترين سافٽويئر کڻي آيو آهيان ، جنهن جو نالو آهي ويب سندهي ايڊيٽر .. آئون هِت هي به ٻدهائندو هلان ته توهان ويب سندهي ايڊيٽر هر آپريٽنگ سِسِٽم تي آساني سان هلائي سگهو ٿا...

اُميد آهي ته توهان کي ضرور پسند ايندو.....

ويب سندهي ايڊيٽر کي استعمال ڪرڻ کان اڳ ۾ ڪجهه اهم ڳالهيون توهان کي ٻُدهائيندس ،
جيئن ته توهان کي ڪا مُشڪل درپيش نه اچي ..
سڀ کان پهريان توهان کي هي ٻُدهائيندس ته ويب سندهي ايڊيٽر ونڊوز جي اسٽينڊر براؤزر انٽرنيٽ ايڪسپلورر ۾ هلندو.
ان کان پوءِ توهان کي ڪنفيگر سندهي ايڊٽر ۽ رَن جي فائل لازمي انسٽال ڪرڻي آهي. انهن کي انسٽال ڪرڻ جو طريقو توهان کي اسڪرين شارٽس ۾ ٻدهائندس


سڀ کان پهريان توهان هتان ويب سندهي ايڊيٽر ڊاؤن لوڊ ڪريو
ڊاؤن لوڊ ڪرڻ لاءِ هت ڪلڪ ڪريو














هاڻ توهان جي سيٽنگ مڪمل ٿي چڪي آهي ، هاڻي اچو ته سافٽويئر کي هلايون.

سڀ کان پهريان ويب سندهي ايڊيٽر کي هلائڻ جي لاءِ ويب سندهي ايڊيٽر جي فولڊر ۾ وڃو.
اسٽاٽر جي نالي سان هِڪ فائل هوندي انهي تي ڊبل ڪِلڪ ڪريو.
اسٽاٽر هن تي ڊبل ڪِلڪ
ڪريو
جيئن ئي اسٽاٽر جي فائل تي ڊبل ڪِلڪ ڪندا توهان جي سامهون هڪ ويب پيج کُلندو
ان کان پوءِ توهان جي اڳيان ٽي مُوڊس ايندا . مُوڊس مان مُراد ته توهان هن سافٽويئر کي
نارمل مُوڊ هلائڻ ٿا چاهيو ، فُل اسڪرين ۾ هلائڻ ٿا چاهيو يا وري ڪِي بورڊ مُوڊ هلائڻ ٿا چاهيو ..
هتي اسان هن کي ڪِي بورڊ مُوڊ ۾ هلائينداسين ، ڇو جو ڪِي بورڊ مُوڊ ۾ هلائڻ ۾ توهان کي ٽائيپ ڪرڻ ۾ مشڪل نه ٿيندي توهان آساني سان ٽائپ ڪري سگهندؤ

جيئن توهان ڪِي بورڊ مُوڊ تي ڊبل ڪِلڪ ڪندا توهان جي اڳيان هڪ ويب پيج کُلندو

جيئن توهان ڪِي بورڊ مُوڊ تي ڊبل ڪِلڪ ڪندا توهان جي اڳيان هڪ ويب پيج کُلندو
ھاڻ ھن کي ھلائڻ جي لاءِ ھن تي رائٽ ڪِلڪ ڪريو ان کان پوءِ اَلو بلاڪ ڪانٽيڪٽس تي ڪلڪ ڪندا ان کان پوءِ سيڪيورٽي وارننگ جو آپشن ايندو ان کي يس تي ڪلڪ ڪجو يس تي ڪلڪ ڪرڻ کان پوءِ توھان جو ويب سندهي ايڊيٽر کلندو . ھاڻ توهان آساني سان سندھي لکھي سگھو ٿا.

جيڪڏھن پسند اچي ته ريپلاءِ ضرور ڪجو
توهان جو دوست عبدالباري ڀٽي