آئس ڪريم Ice Cream
تعريف
آئس ڪريم هڪ لزيذه ۽ غذايت سان ڀرپور کير مان ٺهندڙ ڄميل شي آهي کير مان ٺهندڙ شين ۾ آئس ڪريم پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکي ٿي گرمي توڙي سردي ۾ ننڍن ٻارن کان وٺي مرد هجن يا عورتون آئسڪريم وڏي شوق سان کائيندا آهن. آئس ڪريم مختلف ذائقن ۽ رنگن جي حساب سان تيار ڪئي ويندي آهي. هر ماڻهو پنهنجي پسند جي حساب سان آئس ڪريم جي خريد و فروخت ڪندو آهي. عام چوڻي ۾ آئس ڪريم کي گرمي جو دشمن پڻ چوندا آھن.
غذائي اهميت:
آئس ڪريم مزيدار ھئڻ سان گڏوگڏ توانائي جو بهترين ذريعو آهي ڇاڪاڻ ته هن ۾ موجود سڻڀ کير جي نسبت ٻين کان ٽيڻ ۽ کنڊ جو مقدار ٺوٺس جزن جي 50 سيڪڙو کان به مٿي آهي جيڪو هن جي غذائي اهميت کي وڌائي ڇڏيو. 100 گرام آئس ڪريم روزانو گھربل توانائي جو 8 کان 10 سيڪڙو مھيا ڪندي آھي ۽ ھي جسم اندر کاڌي کي ھضم ڪندڙ شين کي وڌائي ٿي ۽ حياتين کان علاوا معدنيات پڻ مھيا ڪري ٿي. هي انهن ماڻهن لاءِ بهترين خو راڪ آهي جيڪي معدي ۽ غلي جي بيمارين دوران ٻين قسمن جو کاڌو نه کائي سگهندا آهن ڇاڪاڻ آئسڪريم جي مٺاس، ذائقو خوشبوءِ ۽ ٿڌاڻ جي ڪري هن کي آساني سان استعمال ڪري سگھجي ٿو ٻين لفظن ۾ ھن کي ھينئن کڻي چئجي ت آئس ڪريم توانائي جو سستو ۽ عمدو ذريعو آھي ننڍڙا ٻار جيڪي وڌندڙ آھن آئس ڪريم انھن جي نشونما لاء پڻ فائديمند آھي.
درجا بندي:
دنيا ۾ آئس ڪريم جي ڪا خاص درجا بندي نه ڪئي وئي آھي پر ان جي ظاھري بناوت، ذائقي ۽ ان ۾ استعمال ٿيندڙ شين وغيره جي بنياد تي آئس ڪريم کي ھٺين قسمن ۾ ورھايو ويوآھي.
1. پلين آئسڪريم 2. چاڪليٽ آئسڪريم 3. فروٽ آئسڪريم 4. نٽ آئسڪريم 5.پستا آئسڪريم 6. ونيلا آئسڪريم 7. ڪسٽرڊ آئس ڪريم 8. نرم آئس ڪريم 9. قلفا آئسڪريم 10. گولا گنڊا، 11. يوگرٽ آئسڪريم وغيره.
بناوت
جيئن ته آئسڪريم مختلف علائقن ۾ ڪيترن ئي فارمولن سان ٺاهي ويندي آهي تنهنڪري هن جي بناوت ۾ به فرق ٿئي ٿو سنڌ ۾ وڪرو ٿيندڙ ڪجهه ڪمرشل آئسڪريم جي بناوت هيٺ بيان ڪجي ٿي:
سڻڀ کان علاوھ سڀئي ٺوس جزا کنڊ لحميات سڻڀ يا روغني جزا ٺوس جز قسم نمبر
22.58 24.94 15.60 14.65 40.23 (ENERGY) انرجي 1
21.72 23.81 12.43 12.53 34.25 (WALLS)والس 2
25.28 19.39 13.50 17.95 43.23 (IGLOO) اگلو 3
25.28 19.49 12.67 17.35 42.63 (YAMMY) يمي 4
ٺا ھڻ جو طريقو:
گھربل شيون:
1. 10 ڪلو کير ۽ کير وارو پائوڊر 2. کنڊ 3. اسٽيبلائيزر 4. املسفائر5. بيضا 6. خشڪ فروٽ 7. فروٽ 8. ذائقا (Flavors) 9. رنگ 10. نشاستو 11. برف 12 ملائي واري مشين.
طريقو:
آئس ڪريم ٺاھڻ لاءِ پھريائين 10 ڪلو کير کي گرم ڪريو ۽ ان کي گھاٽو ڪريو. ھاڻي ان ۾ 15 گرام اسٽيبلائيزر جيلاٽن يا نشاستو يا ڪيراجينون ملايو ۽ مسلسل چمچو ھلائيندا رھو. انکان پوء 750 گرام کنڊ وجھو ۽ کير کي وڌيڪ گھاٽو ڪريو جو ان جو مقدار اندازن 5 ڪلو تائين وڃي بچي. ھاڻي آئس ڪريم جي مڪس کي ٿڌو ٿيڻ لاء رکي ڇڏيو ان مھل ھڪ بيضو ب ملايو ھر 15 منٽن کان پوء ان ۾ چمچو ھلائيندا رھو. جڏھن مڪس ٿڌو ٿي وڃي ت ان ۾ ذائقو، رنگ ۽ خشڪ فروٽ پنھنجي پسند مطابق وجھي ھلايو. ھاڻي مڪس کي آئس ڪريم مشين ۾ وجھي سيٽ ڪري برف ۽ لوڻ مشين جي پاسن کان لڳائيندا رھو ۽ مشين ھلائيندا رھو. اندازن اڌ ڪلاڪ ۾ آئس ڪريم تيار ٿي ويندي ھاڻي ان کي استعمال ڪريو يا وري ان کي دٻين ۾ بند ڪري -10 -20 ڊگري سينٽي گريڊ تي محفوظ ڪري رکي ڇڏيو
مختصر طريقو
آئسڪريم جي جزن جي چونڊ
↓
فارموليشن
↓
مڪس ٺاهڻ
↓
مڪس کي گرم ڪرڻ
↓
مڪس کي يڪسان ڪرڻ
↓
مڪس کي ڄمائڻ
↓
آئس ڪريم تيار ٿي
↓
آئس ڪريم کي دٻين ۾ بند ڪريو
↓
آئسڪريم کي سخت ڪرڻ
↓
استعمال ڪرڻ
محفوظ رکڻ جو عرصو:
آئس ڪريم ھڪ ڄميل شيءِ آھي انھي ڪري ھن کي محفوظ رکڻ جو عرصو تمام ٿورو آھي پر انجي باوجود اگر آئس ڪريم کي صحيح يا مڪمل طرح ڄمائي گھربل درجا حرارت - 10 کان - 20 ڊگري سينٽي گريڊ تي رکيو وڃي ته ھي ٽن مھينن تائين صحيح سلامت محفوظ رکي سگھجي ٿي.
Bookmarks