سچل يادگار ڪميٽي پاران ڇپايل مواد ۾ ڪيل غلطيون

سچل يادگار ڪميٽي سچل فهميءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، ان پاران هر سال سرمست ۽ سچل سووينيئر ڇپائي شاعرن، محققن ۽ عام ماڻهن ۾ ورهايا ويندا آهن، جن ۾ سچل بابت مضمون ۽ ٻيو مواد هوندو آهي. تازي سرمست 30-2009ع ۾ آيل مقالن ۾ ليکڪن جون ڪجهه علمي غلطيون آهن، جن جي نشاندهي اصلاح لاءِ ڪريان ٿو. (1) سچل جي ولادت: سچل سائينءَ جي ولادت، خواجه ذوالفقار (ص 106)، ذاڪر کٽي (ص 112)، ڊاڪٽر نوشاهي (ص 123)، قاضي جاويد (ص 142، 147) تي 1739ع لکيو آهي ۽ غوث بخش عباسيءَ (ص 76) 1152 هه لکيو آهي. حالانڪه سچل چيئر شاهه عبد اللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ فاروقين جي قديم قلمي شجري ۾ سچل سائينءَ جي ولادت جو سنه 1170هه لکيل آهي، اهو شجرو نور احمد فاروقي 1284 هه(1867ع) ۾ لکيو ۽ 1170هه ۾ عيسوي سنه 1756ع ٿيندو. (تقويم تاريخي از عبدالقدوس هاشمي ص 293) ان ڪري سچل سائينءَ جي ولادت جو سنه 1152 هه مطابق 1739ع غلط آهي. (2) سچل جي وفات جو سنه؛ سچل سائينءَ جي وفات جو سنه ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي (ص 12) ۽ قاضي جاويد (ص 147) 1829ع، جڏهن ته ڊاڪٽر خضر نوشاهي (ص 124) سنه 1826ع لکيو آهي. حالانڪه سچل جي وفات جو هجري سال 1242هه متفق ۽ مڃيل آهي. بيدل به 14 رمضان 1242هه ٻڌايو آهي. (ديوان بيدل از عبدالحسين موسوي 1991ع ص 137) ته پهرين رمضان 1242 هه تي 29 مارچ 1827ع بروز خميس ٿيندي. (تقويم تاريخي ص 311) ان حساب سان 14 رمضان 1242هه تي 11 اپريل 1827ع بروز اربعه ٿيندو، جنهن ڪري 1826۽ 1829ع سنه غلط آهن. (3) سچل سائينءَ جي عمر: سچل سائينءَ جي عمر ڊاڪٽر خضر نوشاهي( ص 123)، قاضي جاويد (ص 147) نوي سال لکي آهي، حالانڪه سچل جي ولادت 1170هه کان وفات 1242هه تائين عمر 72 سال ٿيندي. (4) سچل ڀٽائي ملاقات: ذاڪر کٽي (ص 110) ۽ ڊاڪٽر خضر نوشاهي (ص 124) تي ڀٽائي ۽ سچل جي ملاقات ڏيکاري آهي، حالانڪه ڀٽائي صاحب 1165هه ۾ وفات ڪئي آهي. (احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي، از مرزا قليچ بيگ ص 41) ۽ سچل سرمست 1170هه ۾ پيدا ٿيو ته ڀٽائي سچل جي ولادت کان 5 سال اڳ ۾ وفات ڪئي ته ملاقات ڪيئن ڪيائون؟ (5) سچل چيئر جي ريسرچ آفيسر مهر خادم (ص 56) موجب سچل جي والد جي وفات وقت سچل جي عمر 6 سال هئي. ڏٺو وڃي ته سچل جي والد ميان صلاح الدين جي قبر تي لڳل ڪتبي تي سندس وفات جو سنه 1200 هه لکيل هو. (سرمست 6-1986 ص 66) ۽ سچل 1170هه ۾ پيدا ٿيو ته والد جي وفات وقت سچل ٽيهن سالن جو هو. (6) مهر خادم (ص 109) موجب سچل جا وڏا ڪنگري تعلقي جي گاگڙي ڳوٺ ۾ اچي آباد ٿيا، حالانڪه اهو ڪاڪڙي پرڳڻو راڻيپور ۽ گڏيجي پاسي آهي. (رسالو سچل سائين از مرزا علي قلي بيگ ص 10، سچل جو رسالو از آغا صوفي ص 113، سچل جو رسالو از رشيد احمد لاشاري ص 3، سچل جو سرائيڪي ڪلام از مولانا محمد صادق راڻيپوري ص 4) جڏهن ته گاگڙي ڳوٺ پير ڳوٺ پاسي آهي، خواجه ذوالفقار ان ۾ به غلط آهي ته گاگڙي ڳوٺ ڪنگري تعلقي ۾ آهي، حالانڪه اهو خيرپور تعلقي ۾ آهي.

حزب الله آءِ سومرو/خيرپور ميرس