ڀلي مونسان نه چاه بيشُمار آ هُن جو
منهنجي دل ۾ ته مگر صرف پيار آ هُن جو
مان به محفل ۾ ڪيئي رنگ رچائيندُس پر
منهجي نظرن کي فقط انتظار آ هُن جو
پنهجي وُجود ۾ پاليا مون اِرادا ته گهڻا
مُنهجيِ هستيءَ تي مگر اختيار آ هُن جو
ڪي مرن پيا ڪي ٺرن پيا ڪي ڀرن پيا آهون
هتي هر شخص ٿي ويو شڪار آ هُن جو
ڪله سڄي رات به راشد اکيون سُجاڳ رهيون