سنڌ منهنجي امان،
توتان صدقو ٿيان،
توکي لٽندو ڏسي،
پيو اندر ۾ پچان۔
توکي جن آ لٽيو،
جنگ تن سان ڪيان،
ٻڌ اي منهنجي امان،
مان اهو ٿو گهران۔
جي مان وڙهندي مران
تنهنجي هنج ۾ رهان۔
پنهنجي وڏڙن جيان،
ٿي امر مان وڃان۔
پر اسد آس آ،
پنهنجي جيئري توکي،
هُوند آجو ڏسان۔
سنڌ منهنجي امان،
توتان صدقو ٿيان۔
Bookmarks