اي سنڌ!
تون صدين کان
عظيم هوندي به
صدين کان بدحال آهين
ڇو ته جيڪي
تنهنجي
جاکوڙ جو ڊرامو ڪن ٿا
انهن جي پٽڪن ۾
هر سال هڪ نئون وَر وڌي ٿو-
هر سال چئن شودن کي
سندن باڊي گارڊ جي نوڪري ملي ٿي
سندن 80 گز جي گهرن منجهان
هاڻي سندن عاليشان
بنگلا جڙي پيا آهن
او! جيجل سنڌ
هو ڄاڻن ٿا ته سندن نالن ۾ ڪجهه به ڪونهي
تنهنجي نالي سان گڏ لکي
هو عظيم بڻجي ويا آهن
۽ تون اڄ به ساڳي
بدحاليءَ ۾ آهين
او سنڌ! ٻيو ته ٺهيو پر
هاڻي انهن عظيم ليڊرن جي
پونئرن اچي
تون اڄ به ساڳي بدحاليءَ ۾ آهين-!!!؟
Bookmarks