ڀونءِ تنهنجا اسين آهيون ڀانَ، ڳلِي ڳلِي جاڳ راڳ ڳايون،
ديري ديري دَنگي مَنگون دانَ، ڪڻو ڪڻو قوم ٿا بڻايون.
هَٿ هٿ ڄاٽيون، پڳ پڳ لاٽون،
اُلرن شعلا، ٿڙڪن پاٽون،
جُوءِ تنهنجا ڳاڙها ڳاڙها جُوان، سَچو پَچو مَچ ٿا پچايون.
ڏاڍ وڍيون پيا، ڪُوڙ ڪَٽيون پيا،
پاپَ ڪُڌي جي پاڙ پَٽيون پيا،
قهر توکي تڪي هڻون ڪان، گھِٽي گھِٽيءَ ڌوڌَ روز گھايون.
پئي ٿي پُڪاري بستي بستي،
دلبر ڌرتي، سهڻي سرتي،
مَلهي ڪريون مٿي ٻنهي جا مانَ، وِڙهي وڙهي جِيوَتون بچايون.
پيئون پيئڻ ڏيون، جيئون جيئڻ ڏيون،
اڻ ٿيڻي کي هاڻ ٿيئڻ ڏيون،
نَوان سَنوان ٿيون اِنسانَ، نيون خوشيون ديس ۾ ونڊايون.
کول کٿوري، ٻول بخاري،
ڀيلن جي ڀڃ ڀول بخاري،
جِٿان ڪِٿان اٿيا اعلان، هَلو هَلو ماڻهپو ملهايُون.
Bookmarks