اک اک سان وک وک سان ڪئين سُورَ سَلي ٿي پئي،
جنهن جنهن دل ۾ جھاتي پايون جوت جلي ٿي پئي.

هڪ سرتيءَ تان ٻيو ڌرتيءَ تان سڀ ڪجھ صدقي آ،
ڳليءَ ڳليءَ هي ڳوٺاڻن ۾ ڳالهه هلي ٿي پئي.

ديس مٿان جنهن سيس سُهايو سا ته سهاڳڻ ٿي،
سون مٿان جنهن سيڻ مَٽايا، نيڻ مَلي ٿي پئي.

پِرهه ڦُٽيءَ سان تارو تارو ڦَٽَجي ڦَهه ٿي پيو،
رات رليءَ کي مات مِلي وئي، بات بَلي ٿي پئي.

سرمد وارو دور ڪٿي آ، سياڻو ٿي استاد،
پريت اڄوڪي، ڏاڍي اوکي، چال چلي ٿي پئي.