مون کا پڇين ٿو:
باغي ڇا لئـه بيت لکين ٿو؟
مان به پڇان ٿو:
سورج کان پڇ ڇو ٿو اُڀرين؟
چنڊ کان پڇ ڇو ٿو چمڪين؟
بادل کان پڇ ڇو ٿو برسين؟
گل کا پڇ ڇوٿو مهڪين؟
جي هو فطرت کان مجبور،
مان بي فطرت کان مجبور،
منهنجي ملڪ جا مارو سانگي،
انگ اُگهاڙا ڏکيا جھانگي،
جن جو ڪوئي ناهي وانگي،
اجھو نه اوڇڻ اونڌي دانگي.
پوءِ به پڇين ٿو!
باغي ڇا لئـه بيت لکين ٿو؟
باغي ڇالئـه بيت لکين ٿو؟
Bookmarks