اسين ٻول حق جا ته ٻولي سگهون ٿا
رهي آمريت جي نه اولي سگهون ٿا
زندان زنجير ۽ هي قيد ڪارا
پنهنجي ڀوٰنء ۡخاطر قبولي سگهون ٿا
انڌيرن جي گهيرن کي ٽوڙي اسان
رڻن ۾ اوهانکي به رولي سگهون ٿا
فطرت ۽ قدرت کي قابو ڪري
ڳجهو راز ڳجھ جو ڳولي سگهون ٿا
اسين شير شمشير آهيون وطن جا
زبانون رکو ٿا ته کولي سگهون ٿا
چڱائي جا تحفا کڻي چاھه مان
دفتر دل جا به ڦولهي سگهون ٿا
Bookmarks