اڪثر ماڻهو اهو سمجهن ٿا ته اڪيلائي کان وڌيڪ سڪون آهي ئي نه .... ڇا اهو صحيح آهي...؟ ڇا اسان ڪڏهن اهو سوچيو آهي ته رب پاڪ جڏهن دنيا جي تخليق ڪئي ۽ ڪائنات جي هر شيءِ جنهن ۾ زمين، آسمان، سج ، چنڊ ۽ تارا، وڻ ٽڻ، جبل، درياءَ، جانور ، پکي ۽ ٻيون ڪيتريون ئي تخليقون دنيا جي سونهن وڌائڻ لاءِ پيدا ڪيون ۽ اتي هڪ انسان لاءِ ڪيترن ئي رشتن ناتن سان جڙيل مالها جوڙي، جنهن مان جيڪڏهن هڪ موتي به ڪڍبو ته مالها جي خوبصورتي ۾ گهٽتائي اچي ويندي. موجوده دور ۾ جيڪڏهن ڏسون ٿا ته هر ٻيو انسان مونجهاري ۽ پريشاني جو شڪار آهن ۽ ڪنهن کي ڪهڙي پريشاني ته وري ڪنهن کي ڪهڙي. مطلب ته هر انسان زندگيءَ جي آزمائش ۾ الجهيل آهي ۽ ويتر وري هو تڏهن زندگي جي پيڙا ۾ ڦاسي وڃي ٿو، جڏهن هو جسماني يا ذهني طور تي اڪيلائي اختيار ڪري ٿو، جسماني يا ذهني طور تي ائين جو هر وقت پنهنجو پاڻ کي اڪيلو رکڻ، نه ڪنهن سان ملڻ جلڻ، نه ڪنهن جي ڏکن سکن ۾ شريڪ ٿيڻ، يا وري زندگيءَ جي مختلف مصروفيتن کان پنهنجو پاڻ کي پري رکڻ، اهو سڀ ڪجهه جسماني طور تي اڪيلائي آهي پر ذهني طور تي انسان پنهنجي سوچ ڪارڻ اڪيلائي ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو، اهو ائين جو اسان مان هر ڪنهن جي سوچ هڪ ٻئي کان مختلف آهي ۽ اسان چاهيندا آهيون ته اسان پنهنجي سوچ مطابق هلون، ڪير به اسان جي سوچ ۾ مداخلت نه ڪري، اسان غلط ڪيون يا وري صحيح ڪريون، اهو اسان جي سوچ تي ڇڏيل هجي، پنهنجو پاڻ کي يا وري پنهنجي سوچ تائين محدود رکڻ پاڻ سان ۽ ٻين سان ناانصافي ڪرڻ جي برابر آهي، رب پاڪ انسان کي هڪ ٻئي لاءِ پيدا ڪيو آهي، هن ڪائنات جي هر هڪ ننڍي وڏي شيءِ هڪٻئي تي ڀاڙي ٿي، ياد رکڻ گهرجي ته هتي اڪيلا اسان ڪجهه به نٿا ڪري سگهون، اسان جي زندگي جو سفر بي شمار انسانن سان ٿيندو آهي، جيڪڏهن اسان پنهنجي فڪر ۽ خيال جي اعتبار کان اڪيلائي واري هيٺانهين سطح تي سفر ڪنداسين ته اسين پنهنجو پاڻ کي اذيت کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه ڏئي سگهنداسين. سنڌي ۾ عام چوڻي مشهور آهي ته ”ماڻهو ٿڌيءَ ڇانو هيٺان ئي اچيو آسائش وٺي ٿو“، اسان پنهنجي رويي مطابق ئي اڪيلائي واري سفر تي روانا ٿيندا آهيون ۽ ان لاءِ سفر ۾ اسان کي هر شيءِ اوپري اوپري محسوس ٿيندي آهي، پر جڏهن اسان پنهنجي زندگي جي سفر ۾ ٻين سان گڏ هلندا رهنداسين ته هر ڪو ئي پنهنجو محسوس ٿيندو. هڪٻئي سان ڏک سک ونڊڻ پريشانين ۾ واڌارو ناهي، پر پريشانين جو خاتمو تڏهن ٿي سگهي ٿو جڏهن اسان پنهنجي سوچ سان گڏ ٻين جي سوچ به استعمال ڪندا رهون ۽ معاشري مطابق زندگي کي هلائيندا رهون، هتي منهنجي چوڻ جو اهو مقصد بلڪل ناهي ته معاشري جي هر برائي کي به اپنايون، پر ٻين سان ملي ڪري پنهنجي خودغرضيءَ جي زنجير کي ٽوڙي معاشري ۾ هڪ عظيم سجاڳي آڻيون، پنهنجو پاڻ کي مختلف ڪمن ۾ مصروف رکڻ اڪيلائيءَ کان ڇوٽڪارو آهي. ياد رکڻ گهرجي ته اڪيلائي هر صلاحيت کي اندران ئي اندران ختم ڪري ڇڏي ٿي.
Bookmarks