هيٺ اسين ايم بي سنڌيءَ کي ونڊوز ايڪس پي ۾ انسٽال ڪرڻ جو طريقو تحرير ڪريون ٿا. ياد رهي ته ايم بي سنڌيءَ سافٽ وئير کي ونڊوز ايڪس پي ۾ انسٽال ڪرڻ لاءِ توهان کي ”ونڊوز ايڪس پي“ جي سي ڊي ضرور کپندي.
ونڊوز ايڪس پي جي سي ڊيءَ کي سي ڊي روم ۾ لڳايو
اسٽارٽ مينو ما
Settings ۽ پوءِ اتان Control Panel تي ڪلڪ ڪريو
ڪنٽرول پينل مان
Regional and Language Options تي ڪلڪ ڪريو.
هڪ ڊائيلاگ باڪس کُلي ايندو، اُتي Languages جي ٽيب تي ڪلڪ ڪريو.
اُتي Install Files for complex script and right-to-left languages جي چيڪ باڪس کي چيڪ ڪريو.
انهيءَ سڄي ڪم کان پوءِ
OK تي ڪلڪ ڪريو.
ونڊوز توهان کي ري اسٽارٽ جو پڇندي. توهان.
ok تي ڪلڪ ڪريو ته جيئن ونڊوز ري اسٽارٽ ٿي وڃي.
جڏهن ڪمپيوٽر وري مڪمل طور تي کُلي وڃي، ته توهان ايم بي سنڌيءَ جي سي ڊيءَ کي سي ڊي روم ۾ لڳايو ۽ MB SINDHI KEYBOARD جي سيٽ اپ تي ڊبل ڪلڪ ڪري کوليو
MB SINDHI DOWNLOAD KARYO
سيٽ اپ سڀ ڪم پاڻهي ڪري وٺندو. ڪجھ دير کان پوءِ هڪ ونڊو ٻي ايندي. توهان اُتي close بٽڻ تي ڪلڪ ڪري ڇڏجو
انهي سڄي ڪم کانپوءِ اوهان وري ساڳي هنڌ وڃو يعني ڪنٽرول پينل مان ريجنل اينڊ لينگويج سيٽنگ تي وڃو ۽ پوءِ اتان لينگويج ٽيب تي ڪلڪ ڪريو. ۽ پوءِ اتان Details بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
انهي کانپوءِ Add بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.
هاڻ Input لينگويج مان ڪابه Right to Left ٻولي منتخب ڪريو. مثال طور Farsi سليڪٽ ڪريو.
انهي کانپوءِ keyboard Layout/IME مان MBSindhi 2004 سلڪيٽ ڪري Ok ڪريو.
هاڻ اوهان وٽ سنڌي جي سپورٽ ان ايبل ٿي وئي آهي. هاڻ توهين ڪنهن به پروگرام ۾ جهڙوڪ مائيڪرو سافٽ ورڊ يا اهڙن ٻين پروگرامن ۾ سنڌي لکي سگهو ٿا. سنڌي لکڻ لاءِ لينگويج بار مان Farsi سليڪٽ ڪريو ۽ پوءِ سنڌي لکو.
Bookmarks