Assalam-o-Allykom Wrt Wbrkt
بهترين ماءُ
اسان مان اڪثر مائرون پنهنجي ٻارن لاءِ پريشان هونديون آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ٻارن جي مسئلن ۽ پريشانين ۾ اهڙيون ڳالهيون سامهون اچي وينديون آهن جو اسين ٻارن جي پرورش جا اصول ۽ اهي سڀ هدايتون وساري ويهندا آهيون جن تحت اسان جي مائٽن اسان جي پرورش ڪئي هئي. ڪجهه ماڻهن جي نظر ۾ ٻارن جي پرورش ڪرڻ ڏاڍي سولي ڳالهه هوندي آهي ۽ ان لاءِ والدين کي رڳو ڊسپلين کپندو آهي. سندن خيال هوندو آهي ته ٻارن کي سختيءَ سان، روڪ ٽوڪ ۽ ڪنٽرول سان پالجي پر اهي خيال غلط آهن. بلڪه ان جي بدران اهو وڌيڪ بهتر آهي جو اوهان هڪ ماءُ ۽ هڪ دوست جي حيثيت سان پنهنجن ٻارن کي پاليو. سندن سمورين گهرجن جو خيال رکو. انهن تي محنت ڪيو، کين آزادي ۽ هرممڪن خوشي ڏيو ته يقينن اوهان جا ٻار اوهان کان ڊڄڻ بدران اوهان سان محبت ڪندا. سختيءَ جي عمل سان محبت ته برقرار رهي ٿي، ڇو ته بهرحال اوهان پنهنجي ٻارن جي ماءُ آهيو. جيڪو دنيا جو نهايت انمول رشتو آهي ۽ اهو رشتو آهي ئي محبت جو پر سختيءَ ڪرڻ سان اولاد ۾ والدين سان محبت بدران ڊپ جاءِ والاري ڇڏيندو آهي. اهو به ممڪن آهي ته اهڙيءَ طرح اوهان ٻارن جي بهتر پرورش ڪري به وٺو پر ان سان اوهان جي ٻارن ۾ باغياڻو رويو پيدا ٿي سگهي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي ته اوهان جا ٻار نفسياتي معاملن ۾ اوهان کان گهڻو مختلف هوندا آهن. جڏهن ته اوهان اهو سمجهنديون هونديون ته اهي نفسياتي طرح اوهان جهڙا آهن. اوهان سندن نفسياتي مسئلن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪيو. ڇاڪاڻ ته سڀ کان پهرين ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اوهان پنهنجي ۽ پنهنجي ٻارن جي ذهني فرق کي سمجهو ۽ تسليم ڪيو. هڪ نفسياتي ماهر جو چوڻ آهي ته اڄڪلهه ماڻهن کي اها ڳالهه سمجهائڻ ڏاڍي ڏکي ٿي پئي آهي ته والدين جو اصل ٽارگيٽ ڇا آهي. ماڻهو پنهنجي ٻارن جي مختلف انداز سان تربيت ڪندا آهن. پر انهن سڀني جو مقصد هڪ ئي هوندو آهي، هو چاهيندا آهن ته سندن اولاد انهن کان به وڌيڪ ڪامياب هجي ۽ پنهنجي ايندڙ زندگيءَ ۾ اهو سڀ ڪجهه حاصل ڪري وٺي جنهن کان هو پاڻ محروم رهيا. هڪ ماءُ جي حيثيت سان ڪڏهن اوهان اهو به محسوس ڪنديون هونديون ته اوهان جي ٻارن کي هرحال ۾ اوهان جي ڳالهه مڃڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن بدقسمتيءَ سان اها ڳالهه اوهان جي ذهن ۾ پڪي جاءِ والاري ڇڏي ٿي ته پوءِ حالتون خراب ٿينديون وينديون. حالانڪه اوهان لاءِ اهو ڄاڻڻ تمام ضروري هوندو آهي ته اوهان ڪهڙين حالتن ۾ ٻار کان ڪهڙيون توقعات رکو ٿيون. ممڪن آهي ته انهن حالتن ۾ هو اوهان جي ڳالهه مڃي سگهڻ جهڙو نه هجي، پر اهو به ممڪن آهي ته اوهان جو ٻار اوهان جي وڏين وڏين توقعات مطابق ته هجي، پر اوهان جي ٻڌايل طريقي سان اوهان جي مرضيءَ جي رستي تي نه هلندو هجي.اهڙيءَ صورتحال ۾ عقلمندي اها آهي ته توهان سندس هر ڳالهه ۽ سندس خيالن کي غور سان ٻڌو ۽ کيس اهميت ڏيو، ڇو ته صاف ظاهر آهي ته هن جو ۽ اوهان جو مقصد ته هڪڙو ئي آهي، پر راهون جدا جدا آهن ۽ طريقو الڳ آهي. گهڻي ڳالهائڻ کان پاسو ڪيو ۽ گهڻي ڳالهائڻ بدران گهڻو ٻڌو، ٻارن سان سندن مسئلن متعلق کلي ڳالهايو، ايئن ڪرڻ سان اوهان پنهنجي ٻارن ۾ اعتماد وڌائينديون، جيڪو سندن لاءِ نهايت ضروري آهي. ٻارن کي جيڪڏهن گهر ۾ اعتماد وارو ماحول ملي ته اهي پنجاهه سيڪرو بهتر زندگي گذاريندا آهن. ٻارن سان ڳالهائڻ ۾ احتياط ڪيو، ڇاڪاڻ ته اوهان هنن لاءِ مڪمل عملي نمونو هونديون آهيو. کين تربيتي انداز سان ڳالهائڻ جو سليقو سيکاريو. مثلن اوهان ننڍن ننڍن ڪمن لاءِ به کانئن پڇو ۽ کين سمجهايو ته اجازت وٺڻ يا صلاح مشورو ڪرڻ ڪيترو ضروري ۽ ڪيترو نه سٺو هوندو آهي ۽ ان ڳالهه جو اظهار اوهان رڳو عملي طور تي ئي ڪري سگهو ٿيون. مثلن رات جو مانيءَ کائڻ لاءِ سڏڻ جا ٻه طريقا آهن. هلو جلدي ڪيو ڇا هر وقت ڪمپيوٽر تي گيم کيڏندا رهندو. ماني جو ٽائيم ٿي ويو آهي، هلي ماني کائو. ڳالهائڻ جو اهو طريقو اهڙو آهي جيڪو ٻڌي يقينن اوهان به خوش نه ٿينديون. جڏهن ته اها ساڳي ڳالهه چوڻ ۽ سمجهائڻ جو ٻيو طريقو هي آهي ته ڇا اوهان ڪو ضروري ڪم ڪري رهيا آهيو؟ مانيءَ تي سڀئي توهان جو انتظار ڪري رهيا آهن. يقينن انهن ٻنهي جملن ۾ بنيادي فرق اوهان کي پاڻ کي چڱيءَ طرح سمجهه ۾ اچي ويو هوندو. ٻارن ۾ وڏن ٻارن ۽ ننڍن ٻارن سان جدا جدا رويو رکو ۽ ان بنيادي فرق کي محسوس ڪيو ته هاڻي اوهان جو پٽ وڏو ٿي ويو آهي، اوهان ۾ ۽ اوهان جي ٻارن ۾ هڪ جنريشن گيپ آهي. پر ڪڏهن به پنهنجي ٻار کي ان ڳالهه جو احساس نه ٿيڻ ڏيو ته اوهان سندس خيالن جي برعڪس به سوچيو ٿيون. جهڙيءَ طرح اوهان جا ٻار به پنهنجون خواهشون ۽ ترجيحون رکن ٿا ۽ اوهان ٻنهي ۾ فرق اهو آهي ته اوهان ته پنهنجون ترجيحون قربان ڪري سگهو ٿيون، پر ٻار ايئن ڪري نه ٿا سگهن. جيڪڏهن ڪو ٻار هوم-ورڪ ڪرڻ کان پهريان پنهنجو پسنديده ڪارٽون ڏسڻ چاهي ته ان ۾ ڪهڙو حرج آهي. ڇو ته ان کانپوءِ هن وٽ يقينن ايترو مناسب وقت هوندو جو هو پنهنجو ڪم مڪمل ڪري سگهي. جڏهن ته ٻيءَ صورت ۾ جيڪڏهن سندس ترجيح يا خواهش پوري نه ڪئي وئي ته ممڪن آهي ته هوم ورڪ ڪرڻ تي سندس دل ئي نه چوي. ٻارن جي جذبات کي سمجهڻ سولو ناهي هوندو. هڪ نفسياتي ماهر جو چوڻ آهي ته ڪڏهن ڪڏهن ايئن محسوس ٿيندو آهي ته ٻار کي جيڪي ڪجهه چوڻو هئو سو هن هڪ ئي جملي ۾ چئي ڇڏيو آهي، پر حقيقت ۾ ايئن ناهي هوندو. جيڪڏهن اوهان پنهنجي چئن سالن جي ڌيءَ يا پٽ سان ڳالهائي رهيون آهيو ته ممڪن آهي ته هو اڃان تائين ان قابل ئي نه هجي جو پنهنجا خيال مڪمل طور تي اوهان کي منتقل ڪري سگهي ۽ اوهان سرسري طور تي سندس ڳالهه ٻڌنديون رهو. ٻارن جا خيال ۽ احساس سمجهڻ لاءِ انهن جي ٻوليءَ کان وڌيڪ سندن چرپر ۽ حرڪت تي غور ڪرڻو هوندو آهي. جيڪي ڳالهيون اهو پنهنجي وات سان نه ٿو چئي سگهي اهي هو پنهنجي چرپر ۽ حرڪت سان ظاهر ڪري وٺندو. ٻارن ۽ والدين جي وچ ۾ رشتي جي عظمت کي بيان ڪرڻ تقريبن ناممڪن آهي،پر ان خوبصورت رشتي ۾ وڌيڪ جٽاءُ ۽ سونهن پيدا ڪرڻ لاءِ ٻارن ۽ والدين جي وچ ۾ هم آهنگي نهايت ضروري آهي ۽ ان لاءِ مناسب ڪميونيڪيشن هجڻ به اوترو ئي لازمي آهي. ياد رکو ته اوهان پنهنجي ۽ ٻارن جي وچ ۾ فاصلن کي صرف ان صورت ۾ ئي ختم ڪري يا گهٽائي سگهو ٿيون. جڏهن اوهان ان سان سندس سمورين خواهشن ۽ جذبن متعلق ڳالهه ٻولهه ڪيو ۽ ان سموريءَ معلومات لاءِ ڪلامي رابطو اهم آهي. اهو رابطو ايترو ته مضبوط هئڻ گهرجي جو جيڪڏهن ٻنهي مان ڪو به هڪ ٻئي کان ناراض به هجي ته اهو ڪلامي رابطو ڳالهائڻ ٻولهائڻ ختم نه ٿيڻ گهرجي. اها اوهان جي ذميداري آهي ته اوهان پنهنجي ٻارن کي پرچايو ڇو ته اوهان جو ٻار آهي جيڪو ضدي ته ٿي سگهي ٿو پر سمجهدار نه ٿو ٿي سگهي. اوهان پاڻ محسوس ڪنديون ته جيڪڏهن ٻارن کي سندن حصي جي عزت، پيار ۽ ڌيان ملي ته اهو اوهان جي توقع کان به وڌيڪ ثابت ٿيندو ۽ آخر هڪ ماءُ جي حيثيت سان اها اوهان جي ئي ذميداري آهي، ڇاڪاڻ ته اوهان ئي کيس دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪامياب ڏسڻ چاهيو ٿيون
Bookmarks