سڄو ڏينهن رستن تي رلندا رهيا،
مگر ڏس تنهنجي نه در تي پڳا.
سدا مرڪ توکي مبارڪ هجي،
اسان کي ته سڏڪا ئِيسڏڪا مليا.
اسانجو ڇڏي لڙڪ ڀي ساٿ ويا،
لڳو لڙڪ پنهنجا به پنهنجا نه هئا.
سڄي رات توسان رهاڻيون ڪيون،
اڪيلو هيس نيڻ جڏهن کليا.
ڀري ڇرڪ سرتاج ٻاهر ڏٺم،
هوا تي جڏهن تاڪ در جا کليا.
"Sartaj Jagirani"
Bookmarks