آزادي
گھڻي وقت کان ڪجه لکڻ جو کيال آيو سوچم ڇاتي لکان وري ياد آيو ته آزادي جو مهينو آگسٽ پيو هلي . چيم ته آزادي تي لکجي. آءُ جڏهن به لفظ (آزادي) ٻڌنڌو آهيان ته ان وقت منهنجي دماغ ۾ کوڙ سارا سوال اڀرندا آهن پر هڪ سوال جيڪو بار بار تنگ ڪندو رهندو آهي ( ڇا آءُ آزاد آهيان ) يا ( آءُ ڪيترو آزاد آهيان ) .اگر مونکان ڪوئي شخص لفظ (آزادي) جو مطلب پڇي ته آءُ چوندس (اهڙو نظام يا حڪومت جنهن ۾ انسان جو جسم آزاد هجي يا نه هجي پر ان جو سوچون ۽ خيال آزاد هجن ) هو پنهنجي راءِ ، صلاه ، گسو ، پيار سڀني سان ونڊي سگھي. جڏهن انهن شين کي ذهن ۾ رکان ٿو ته مٿي ڏنل سوال جو جواب ڏيڻ کان لهرايان ٿو ڇو ته آءُ هن سوال جو نه مڪمل طور هاڪاري آهيان ۽ نه مڪمل طور انڪاري آهيان . ڇو جو اگر آٰءُ انڪاري ٿيندس ته باغي سڏبس ۽ اگر هاڪاري ٿيندس ته ضمير کان ڪيئن بچندس. ڇو جو جيسيتائين مون ۾ ضمير جيئرو آهي تيسيتائين مون ۾ انسانيت جيئري رهندي ، پر جنهن ڏينهن ضمير مري وڃي ان ڏينهن مونکي آزادي جو جھنڊو ڏئي طوطي وانگر پڃري ۾ بند ڪري آزادي جو نارو هڻائجو. پڃري ۾ بند طوطو پنهنجي ننڍڙي دنيا ۾ پاڻ کي آزاد سمجھندو آهي ۽ جيڪو ڪجھ ٻوليندو آهي ان جي ڪا ڄاڻ نٿس هوندي. پوءِ ڇا اسان جو مثال به ان طوطي جيان آهي جو پنهنجي ننڍڙي سوچ جي دنيا ۾ گم آهيون ۽ ان ڊنيا کان ٻاهر نظر به نٿي وڃي .
. سوال اهو ناهي ته اسان ڪير آهيون بلڪ سوال اهو آهي ته اسان ائين ڇو آهيون. پکن ۽ جانورن ۾ جڏهن ڪو اداس، زخمي هوندو آهي ته ان سان وابستا سڀئي جانور اداس هوندا آهن ، ته پوءِ اسان انسان، انسانيت جي ڪهڙي منزل تي پهتا آهيون جو ٻين جي خشين ۽ غمن جو ڪو احساس اسان وٽ باقي ناهي بچو .
هن وقت آزادي جو جشن ڪندڙن کان پڇندس ته ڇا اوهان مڪمل آزاد آهيو ڇا اوهان ڪنهن وڏيري ، مرشد ، حاڪم جي ظلم خلاف آواز يا دانهن ڏئي سگهو ٿا ، ڇا اوهان جي اولاد کي اهي سڀ حق مليا آهن جيڪي وڏيرن جي اولاد کي موجود آهن ، ڇا امير ۽ غريب گڏجي ويهي ماني کائي سگهن ٿا.،،
سڀ ڪجھ اوهان جي سامهون آهي پوءِ به جي اگر اوهان پاڻ کي آزاد سڏائيو ٿا ته اوهان کي منهنجي طرفان اهڙي آزادي مبارڪ هجي.
هر انسان جي سوچ سڀني کان الڳ هوندي آهي منهنجا خيال جيڪي هئا اوهان سان ونڊيا ، اوهان جو ٿورائتو آهيان جو منهنجي لفظن لاءِ وقت ڪڍيو . ڪا ڳالهه بري لڳي هجي ته معاف ڪجو.
ajmalarbab ***********
اجمل ارباب
(حيدرآباد)



[/B]