غلط ھئين، ته بہ توکي نه چئي سگھيا سي ڪڏھن
محبتن ۾ سزائون نه ڏئي سگھيا سي ڪڏھن

جو تولئه ٺيڪ ھو، مون لئه غلط چيو تو سدا
ٻٽا معيار نه دنيا! رکي سگھيا سي ڪڏھن

سدائين توکي اسان کان سوين رھيا شڪوا
اسان نه تنھنجي قدم تي ھلي سگھيا سي ڪڏھ

ملائي ھا ۾ ھا تنھنجي اڏون ھا عرشين، پر
اڙي او دنيا؛ نه تو جھڙا ٿي سگھيا سي ڪڏھن

ھي زھر پنھنجي ھٿن سان پيون ٿا سچ اوتي
نه ڪوڙ واري وٽي مڌ جي پي سگھيا سي ڪڏھن

سدا رھيا سي سفر ۾، سدائين ڀٽڪيا سي
نه تنھنجي گام تي ليڪن رسي سگھيا سي ڪڏھن

ھا عام آھي حياتي، اسان بہ ادنيٰ پرين
معيار تنھنجي تي پورا لھي سگھيا سي ڪڏھن

سدائين تنھنجي نشاني رھيا سي، دشمن جيئن
اي دوست! تنھنجي دغا کان بچي سگھيا سي ڪڏھن

.......