ڪي ڪي پوپٽ پيارا ماڻهو
ڪي ڪي اندر ڪارا ماڻهو

سچ جو سهڻو چوغو پائي
ڪن ٿا ڪيڏي مارا ماڻهو

ساندهه جن کي ڏسجي پسجي
ڪي ڪي نينهن نظارا ماڻهو

اڳواڻ اهي سرواڻ اهي
مڙهيندڙ مونجهارا ماڻهو

اونداهيون ڇو اُتي وئيڙا
هُو جي چنڊ ستارا ماڻهو

ماڻهو سڀ موچارا ماڻهو
سهڻا پر سنڌ وارا ماڻهو