هَٿين، پيرين، مُونڙِئين، ڪَهجِ ڀَر ڪَپارَ
مَتان ڇوري! ڇَڏِئين، پِرِيتَڻي پَچارَ
توکي سنَدَ سَسُئي!، سَندي لَنئو لَغارَ
جي هُوِنئي هوتَ هَزار، ته به پاڙج ڪو مَ پُنهونءَ سين


تون هٿن، پيرن، گوڏن ۽ مٿي ڀر ڪاهيندي هلج. اي ڇوري! تون متن پريت جي پچر ڇڏين! اي سسئي! توکي عشق جي اوٽ آهي ۽ لنو جي لغار لڳل آهي. جي توکي هزارين پرين هجن، ته به اُنهن مان ڪنهن کي پنهونءَ جو مٽ نه ڄاڻج.

*سُــــرُ معذوري*