نظر ڪر، نظر سان، نظر تي نظر رک!
خبردار! سنڌي، خبر تي، نظر رک!

ڌريان ئي جي ڌاريا سي پنهنجا ‎نه ٿيندا،
تون ويريءَ جي ميريءَ نظر تي، نظر رک!

مڃين ڪون ٿو پر، ٿو واسينگ پالين،
ڪاريهر جي ڪَر ۽ زهر تي نظر رک!

اُلٽ ڦير اکرن جي اوکي اويڙي
جزم پيش، زير۽ زَبر تي نظر رک!

امڙ سنڌ ساري امانت اٿئي،
ڀتر ڀينڊ، حجر و شجر تي نظر رک!

ويلَ وَيلَ وَرڻي مور ناهي،
صُبح شامَ سانجھِيءَ سحر تي نظر رک!

ڪراچيءَ کان ڪشمور، ٿر،ڪاڇو، تنهنجو،
تَراين، تَڙن ۽ ڏَهَر تي، نظر رک!