!او شاعر، او شاعر
!او شاعر، او شاعر

تون شعر لکين ٿو ھولين تي
۽ مِٺڙين مِٺڙين ٻولين تي
تو لکيو ناھي پنھنجن تي
ھِن شھر جي روڊن رستن تي
جتي پيٽ بُکايَل ٻار گُھمَن ٿا
۽ فُوٽ پاٿَن تي ھُو سُمھَن ٿا
تون ڏِسِين نَٿو ڇو تِن ٻارن کي
۽ تِن جي اَڻڀَن وارن کي
تون لِيڙُون ٿِيَل ڪپڙن کي ڏِس
۽ آليَن آليَن اکڙين کي ڏِس
تون تِن لئه ڀِي وِيچار ته ڪر
تون تِن سان سُور پَچار ته ڪر
ھُو ماءُ جا پنھنجن ٻچڙن لئه
پنھنجي ٿَڃ پياريل گُلڙَن لئه
ٿِي جاڳي جاڳي رات گُذاري
صُبح به تن جو ٿِي ھُو سَنواري
تَنھنجي ٿَڃ جي مِٺڙي سُرڪ تي
نه لِکيو آ تَنھنجي مُرڪ تي

تو لکيو آ ڀوتارن تي
۽ تن جي ڪُتَن ڪارن تي
تو بُوٽ چَٽيا شُھرت سَستِي خاطر
او شاعر، او شاعر!
او شاعر، او شاعر!